Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تون انهن کي پيار ٿو ڪرين جيڪي تو کي ڌڪارين ٿا ۽ انهن کي ڌڪارين ٿو جيڪي تو کي پيار ٿا ڪن. اڄوڪي ڏينهن تو اهو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي تہ سالار توڙي تنهنجا سپاهي، تنهنجي اڳيان ڪجھہ بہ ڪين آهن، ڇاڪاڻ تہ اڄ آءٌ ڏسان ٿو تہ جيڪڏهن ابي‌سلوم جيئرو هجي ها ۽ اسين سڀ مري وڃون ها تہ جيڪر تون ڏاڍو خوش ٿئين ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 جو تون انهن کي پيار ڪرين ٿو جي توکي ڌڪارين ٿا، ۽ انهن کي ڌڪارين ٿو جي توکي پيار ٿا ڪن. ڇالاءِ جو تو اڄوڪي ڏينهن ظاهر ڪيو آهي، تہ سردار توڙي ٻانها، تنهنجي اڳيان ڪي ڪين آهن: ڇالاءِ جو اڄ آءٌ ڏسان ٿو تہ جي ابي سلوم جيئرو هجي ها، ۽ اسين سڀ مري وڃون ها تہ جيڪر تون ڏاڍو خوش ٿين ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:6
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يوآب بادشاهہ جي گھر ۾ گھڙي آيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”تو اڄ پنهنجي انهن سڀني لشڪر وارن کي شرمندو ڪيو آهي، جن تنهنجي حياتي، تنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن جون حياتيون ۽ تنهنجين زالن ۽ سريتن جون حياتيون بچايون.


تنهنڪري هاڻي تون اُٿ، ٻاهر هلي پنهنجي لشڪر جي همت‌افزائي ڪر، نہ تہ آءٌ خداوند جو قسم کڻي ٿو چوان تہ جيڪڏهن تون ٻاهر نہ هلندين تہ اڄ رات ٿيڻ تائين تو وٽ هڪڙو بہ ماڻهو ڪين رهندو ۽ اها ڳالهہ تنهنجي لاءِ انهن سڀني آفتن کان وڌيڪ خراب هوندي، جيڪي جوانيءَ کان وٺي هن وقت تائين تو تي نازل ٿيون آهن.“


بلڪ اهو خدا ئي تہ آهي جيڪو بادشاهن ۽ حڪمرانن کي بہ ملامت ٿو ڪري، جڏهن اهي نالائق ۽ بدڪار ٿا ٿين.


پولس وراڻيو تہ ”اي ڀائرؤ! مون نہ ٿي ڄاتو تہ هو وڏو سردار ڪاهن آهي. پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’تون پنهنجي قوم جي سردار جي گلا نہ ڪر.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ