Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:42 - Muslim Sindhi Bible

42 تنهن تي بني يهوداہ جي سڀني ماڻهن ٻين بني اسرائيل وارن ماڻهن کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اسان انهيءَ ڪري ائين ڪيو جو بادشاهہ اسان جو ويجھو مائٽ آهي. پر اوهين انهيءَ ڳالهہ تي ڇو ٿا ڪاوڙجو؟ ڇا اسان بادشاهہ جو ڪجھہ کاڌو آهي؟ يا ڇا هن اسان کي ڪا بخشش ڏيئي ڇڏي آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

42 ۽ يهوداہ جي سڀني ماڻهن اسرائيل جي ماڻهن کي ورنديءَ ۾ چيو تہ هن ڪري جو بادشاهہ اسان جو ويجهو مائٽ آهي: تڏهن اوهين انهيءَ ڪري ڇو ٿا ڪاوڙجو؟ اسان بادشاهہ جي خرچ تي ڪي کاڌو آهي ڇا؟ يا هن اسان کي ڪا بخشش ڏني آهي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:42
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن صورت ۾ اوهين تہ بادشاهہ جا پنهنجا ۽ سندس هڏ رت آهيو، تہ پوءِ ڇو اوهين کيس موٽائي آڻڻ ۾ پٺتي پئجي ويا آهيو؟“


تڏهن بني يهوداہ جي ماڻهن کي ٻين بني اسرائيل وارن ماڻهن ورندي ڏيئي چيو تہ ”اسان جا ڏهہ قبيلا هئڻ ڪري دائود بادشاهہ تي اوهان کان وڌيڪ اسان جو حق آهي، تڏهن اوهان ڇو اسان کي حقير سمجھيو، جو اسان جي بادشاهہ کي موٽائي آڻڻ ۾ اوهان پهريائين اسان کان صلاح نہ ورتي؟“ پر بني يهوداہ جي ماڻهن ٻين بني اسرائيل وارن ماڻهن کي وڌيڪ سختيءَ سان جواب ٿي ڏنا.


پوءِ يهوداہ جا ماڻهو حبرون ۾ آيا ۽ اتي هنن دائود کي مسح ڪري کيس يهوداہ جي قبيلي مٿان بادشاهہ بڻايو. جڏهن دائود کي ٻڌايو ويو تہ جِلعاد علائقي جي يبيس شهر جي ماڻهن ئي سائول کي دفن ڪيو هو،


تنهن کان پوءِ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان ماڻهو حبرون ۾ دائود وٽ آيا ۽ کيس چوڻ لڳا تہ ”ڏس، اسين تنهنجو هڏ رت آهيون.


تنهن بعد افرائيم جي ماڻهن جِدعون کي چيو تہ ”تو اسان سان ائين ڇو ڪيو جو جڏهن تون مديانين سان وڙهڻ لاءِ وئين تڏهن اسان کي سڏ بہ نہ ڪيئِہ؟“ هو انهيءَ ڳالهہ بابت ساڻس تکو ڳالهائڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ