Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:41 - Muslim Sindhi Bible

41 تڏهن بني اسرائيل جي اتر وارن قبيلن جا سمورا ماڻهو بادشاهہ وٽ آيا ۽ بادشاهہ کي چيائون تہ ”ڇو اسان جا قوم وارا، بني يهوداہ جا ماڻهو اوهان کي لڪ چوريءَ وٺي آيا آهن؟ هو ڇو بادشاهہ کي سندس گھراڻي ۽ سندس سڀني ماڻهن سميت اردن درياءُ پار ٽپائي وٺي آيا آهن؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 ۽ ڏس، اسرائيل جا سڀ ماڻهو بادشاهہ وٽ آيا ۽ بادشاهہ کي چيائون تہ ڇالاءِ اسان جا ڀائر يهوداہ جا ماڻهو توکي چورائي ويا آهن، ۽ بادشاهہ ۽ سندس گهراڻي کي، ۽ دائود جي سڀني ماڻهن کي انهيءَ سان گڏ وٺي ويا آهن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:41
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اها خبر دائود بادشاهہ کي پيئي، تڏهن هن صدوق ۽ ابي‌ياتر ڪاهنن جي هٿان بني يهوداہ جي سردارن کي چوائي موڪليو تہ ”ڇو اوهين بادشاهہ کي پنهنجي تخت تي موٽائي آڻڻ ۾ سڀني کان پٺتي پئجي ويا آهيو؟ جڏهن تہ بادشاهہ تائين اها خبر پهچي ويئي آهي تہ سڄو بني اسرائيل چوي ٿو تہ بادشاهہ کي موٽائي پنهنجي تخت تي آڻجي.


جنهن صورت ۾ اوهين تہ بادشاهہ جا پنهنجا ۽ سندس هڏ رت آهيو، تہ پوءِ ڇو اوهين کيس موٽائي آڻڻ ۾ پٺتي پئجي ويا آهيو؟“


سو ان ڏينهن لشڪر وارا اهڙيءَ طرح چپ چاپ شهر ۾ داخل ٿيا، جهڙيءَ طرح ڪي ماڻهو جنگ مان ڀڄي ويندا آهن ۽ پوءِ شرم وچان چپ چاپ ايندا آهن.


تڏهن افرائيم جا ماڻهو جنگ ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. هو اردن درياءُ پار ڪري صفون علائقي ڏانهن ويا ۽ اتي افتاح کي چيائون تہ ”تون اسان کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ سڏڻ کان سواءِ ڇو بني عمون سان وڙهڻ لاءِ وئين؟ هاڻي اسين تو کي تنهنجي گھر سميت ساڙيون ٿا.“


تنهن بعد افرائيم جي ماڻهن جِدعون کي چيو تہ ”تو اسان سان ائين ڇو ڪيو جو جڏهن تون مديانين سان وڙهڻ لاءِ وئين تڏهن اسان کي سڏ بہ نہ ڪيئِہ؟“ هو انهيءَ ڳالهہ بابت ساڻس تکو ڳالهائڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ