Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:37 - Muslim Sindhi Bible

37 سو پنهنجي ٻانهي کي موٽي وڃڻ جي اجازت ڏيو، تہ آءٌ پنهنجي شهر ۾ وڃي زندگيءَ جا باقي ڏينهن پورا ڪريان، جتي منهنجي ماءُ پيءُ جي قبر آهي. باقي منهنجو آقا بادشاهہ پنهنجي هن ٻانهي جي پٽ ڪمهام کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي رهائي ۽ جيڪي اوهان کي وڻي سو انهيءَ لاءِ ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

37 آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي ٻانهي کي ڇڏ تہ موٽي وڃان، تہ آءٌ پنهنجي شهر ۾، پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ماءُ جي قبر جي پاسي ۾ وڃي مران. پر ڏس، تنهنجو غلام ڪمهام، ڀلي تہ اهو منهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ سان گڏجي پار لنگهي؛ ۽ جيڪي توکي وڻي سو انهيءَ سان ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:37
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏهن آءٌ وڃي پنهنجن وڏن سان ملان، تڏهن مون کي مصر مان کڻي وڃي اتي دفن ڪجانءِ جتي هو دفن ٿيل آهن.“ يوسف جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين چئو ٿا تيئن ئي ڪندس.“


پوءِ يعقوب يوسف کي چيو تہ ”ڏس، هاڻي آءٌ مرڻ تي آهيان. پر خدا اوهان سان هوندو ۽ هو اوهان کي وري پنهنجن ابن ڏاڏن جي ملڪ ۾ موٽائي وٺي ويندو.


هو سندس لاش کي ڪنعان جي ملڪ ۾ کڻي ويا. هنن کيس ممري جي اوڀر ۾ مڪفيلاہ جي ٻنيءَ واري غار ۾ دفن ڪيو، جيڪا ابراهيم ٻنيءَ سوڌي عِفرون حِتيءَ کان قبرستان جي لاءِ خريد ڪئي هئي.


اوهان جو ٻانهو بادشاهہ سان گڏ اردن درياءُ پار ڪري رڳو ٿوري پنڌ تائين هلندو، پوءِ انهيءَ جي عيوض ۾ بادشاهہ مون کي ڇو اهڙو انعام عطا ڪري؟


بادشاهہ کيس وراڻيو تہ ”ڪمهام ڀلي مون سان گڏجي هلي رهي. آءٌ هن لاءِ اهو ئي ڪندس جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱو هوندو. تون مون کان جيڪي بہ چاهيندين، سو آءٌ ڪندس.“


اهڙيءَ طرح بادشاهہ پار لنگھي جِلجال ڏانهن روانو ٿيو. ڪمهام، بني يهوداہ جو سڄو قبيلو ۽ ٻين بني اسرائيل وارن جا اڌ ماڻهو بہ ساڻس گڏ پار لنگھي هليا.


تون موٽي آئين ۽ جنهن هنڌ بابت هن تو کي چيو هو تہ ’اتي نہ ماني کائجانءِ ۽ نہ پاڻي پيئجانءِ‘ تنهن هنڌ تو ماني کاڌي آهي ۽ پاڻي پيتو آهي. تنهنڪري هاڻي تون جلدي ئي ماريو ويندين ۽ تنهنجو لاش تنهنجي ابن ڏاڏن جي قبرستان تائين نہ پهچي سگھندو جو تو کي اتي دفن ڪيو وڃي.“


”پر جِلعاد واري برزليءَ جي پٽن سان مهربانيءَ سان پيش اچجانءِ. هو تنهنجي دسترخوان تي ماني کائڻ وارن مان ٿين، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ تنهنجي ڀاءُ ابي‌سلوم کان ڀڳو هئس تڏهن هنن منهنجو ساٿ ڏنو هو.


ناتن جو پٽ عزرياہ جيڪو ضلعي عملدارن جو نگران هو، ناتن جو پٽ زبود جيڪو ڪاهن ۽ بادشاهہ جو مشير هو،


جيئن تہ يوحنان ۽ سندس لشڪر وارا بابلين کان ڊنا ٿي، ڇاڪاڻ تہ اسماعيل جِدلياہ ولد اخيقام کي قتل ڪيو هو، جنهن کي بابل جي بادشاهہ انهيءَ ملڪ تي گورنر مقرر ڪيو هو، سو هو بابلين کان بچڻ لاءِ ماڻهن کي وٺي مصر ڏانهن روانا ٿيا. واٽ تي اهي بيت‌لحم جي ويجھو گيروت‌ڪمهام ۾ ترسيا.


باقي رهي منهنجي ڳالهہ تہ هاڻي منهنجي جان خدا جي لاءِ قربان ٿي رهي آهي. هائو، منهنجي لاڏاڻي جو وقت اچي پهتو آهي.


هاڻ آءٌ اوڏانهن وڃڻ وارو آهيان جتي دنيا جي هر ماڻهوءَ کي وڃڻو آهي. اوهين سڀيئي پنهنجين دلين ۾ ڄاڻو ٿا تہ خداوند خدا اهي سڀ چڱيون ڳالهيون پوريون ڪيون آهن، جن جو هن اوهان سان واعدو ڪيو هو. هر هڪ واعدو پورو ٿيو آهي، ڪوبہ نہ گُٿو آهي.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي مرڻ جو وقت ويجھو آهي، جيئن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح مون تي ظاهر ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ