Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:36 - Muslim Sindhi Bible

36 اوهان جو ٻانهو بادشاهہ سان گڏ اردن درياءُ پار ڪري رڳو ٿوري پنڌ تائين هلندو، پوءِ انهيءَ جي عيوض ۾ بادشاهہ مون کي ڇو اهڙو انعام عطا ڪري؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 تنهنجو ٻانهو رڳو بادشاهہ سان گڏ يردن پار لنگهندو: ۽ ڇالاءِ بادشاهہ مون کي انهيءَ جي عيوض اهڙو انعام عطا ڪري؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:36
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڄ آءٌ اسي سالن جو آهيان. ڇا آءٌ چڱي ۽ بڇڙي جي وچ ۾ تميز ڪري سگھان ٿو؟ ڇا اوهان جي هن ٻانهي کي کائڻ يا پيئڻ مان ڪو مزو اچي سگھي ٿو؟ ڇا آءٌ ڪو هاڻي ڳائيندڙ مردن ۽ عورتن جو آواز ٻڌي سگھان ٿو؟ تہ پوءِ ڇو اوهان جو ٻانهو پنهنجي آقا بادشاهہ تي بار ٿي پوي؟


سو پنهنجي ٻانهي کي موٽي وڃڻ جي اجازت ڏيو، تہ آءٌ پنهنجي شهر ۾ وڃي زندگيءَ جا باقي ڏينهن پورا ڪريان، جتي منهنجي ماءُ پيءُ جي قبر آهي. باقي منهنجو آقا بادشاهہ پنهنجي هن ٻانهي جي پٽ ڪمهام کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي رهائي ۽ جيڪي اوهان کي وڻي سو انهيءَ لاءِ ڪريو.“


اسان جي عمر وڌ ۾ وڌ ستر سال ٿئي ٿي، يا وري جيڪڏهن ڪو تندرست آهي تہ پوءِ اسي سال، جڏهن تہ اها بہ گھڻو ڪري مشڪلاتن ۽ ڏکن ۾ گذري وڃي ٿي. پوءِ اها حياتي بہ جلد گذريو وڃي ۽ اسين ختم ٿيو وڃون.


انهيءَ کان اڳ جو اوهان تي ڏکيو وقت اچي پوي ۽ موت جا ڏينهن ويجھا اچي وڃن، اوهين جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ئي پنهنجي خالق کي ياد ڪندا رهو. پوءِ اوهين ائين نہ چوندا تہ ”هاڻي اسان لاءِ ڪابہ خوشي نہ رهي آهي.“


ٻين کي ڏيندا رهو تہ خدا کان اوهان کي بہ ملندو، بلڪ واپسيءَ ۾ اوهان کي چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وهندڙ ڪري جھول ۾ وڌو ويندو. ياد رکو، جهڙي ماپي سان اوهين ڏيندا، خدا کان تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي ماپجي ملندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ