Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:29 - Muslim Sindhi Bible

29 تڏهن بادشاهہ هن کي چيو تہ ”انهن ڳالهين جو وڌيڪ ذڪر ڇو ٿو ڪرين؟ مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي تہ تون ۽ ضيبا سائول بادشاهہ جي زمين پاڻ ۾ ورهايو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 تڏهن بادشاهہ هن کي چيو تہ انهن ڳالهين جو وڌيڪ ذڪر ڇو ٿو ڪرين؟ آءٌ چوان ٿو تہ تون ۽ ضيبا زمين ورهائي وٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:29
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي پيءُ جو سڄو گھراڻو منهنجي آقا بادشاهہ جي اڳيان موت جي لائق هو. تنهن هوندي بہ اوهان پنهنجي ٻانهي کي انهن ماڻهن ۾ شامل ڪيو، جيڪي اوهان جي دسترخوان تي ماني ٿا کائين. تڏهن پوءِ مون کي ڪهڙو حق آهي جو آءٌ بادشاهہ وٽ دانهين ٿيان.“


مفيبوست بادشاهہ کي وراڻيو تہ ”هو ڀلي سموري ئي زمين کڻي. منهنجي لاءِ اهو ئي ڪافي آهي تہ منهنجو آقا بادشاهہ صحيح سلامت پنهنجي گھر موٽي آيو آهي.“


تڏهن سائول جي گھراڻي جو هڪڙو ٻانهو جنهن جو نالو ضيبا هو، تنهن کي وٺي دائود وٽ آندو ويو. دائود بادشاهہ انهيءَ کان پڇيو تہ ”ڇا تون ضيبا آهين؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ اوهان جو ٻانهو اهو ئي آهيان.“


تڏهن دائود چيس تہ ”ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي پيءُ يونتن جي ڪري ضرور تو تي مهرباني ڪندس ۽ تنهنجي ڏاڏي سائول جي سموري زمين تو کي موٽائي ڏيندس. تون هميشہ منهنجي دسترخوان تي ماني کائيندين.“


پوءِ بادشاهہ سائول جي ٻانهي ضيبا کي سڏي چيو تہ ”سائول ۽ سندس گھراڻي جي جيڪا بہ ملڪيت هئي، سا مون تنهنجي آقا جي پوٽي کي ڏيئي ڇڏي.


جيڪو پٺيءَ پويان ڪنهن ٻئي جون گلائون ٿو ڪري، تنهن کي آءٌ ماٺ ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ مغرور ماڻهوءَ جي برداشت نہ ڪندس.


خدا کين چوي ٿو تہ ”اوهين ڪيستائين بي‌انصافي ڪندا رهندءُ؟ ڪيستائين بڇڙن جي طرفداري پيا ڪندا رهندءُ؟


جيڪو پوري ڳالهہ ٻڌڻ کان اڳي انهيءَ جو جواب ڏئي ٿو، تنهن جي لاءِ اهو بي‌وقوفي ۽ بي‌عزتيءَ جو باعث بڻجي ٿو.


پر جڏهن تہ هي اهڙا الزام آهن جن جو واسطو رڳو لفظن، نالن ۽ خاص اوهان جي شريعت سان آهي تہ پوءِ اوهين ڄاڻو، اوهان جو ڪم ڄاڻي. آءٌ اهڙين ڳالهين جو فيصلو ڪرڻ نہ ٿو چاهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ