Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:28 - Muslim Sindhi Bible

28 منهنجي پيءُ جو سڄو گھراڻو منهنجي آقا بادشاهہ جي اڳيان موت جي لائق هو. تنهن هوندي بہ اوهان پنهنجي ٻانهي کي انهن ماڻهن ۾ شامل ڪيو، جيڪي اوهان جي دسترخوان تي ماني ٿا کائين. تڏهن پوءِ مون کي ڪهڙو حق آهي جو آءٌ بادشاهہ وٽ دانهين ٿيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ڇالاءِ جو منهنجي پيءُ جو سارو گهراڻو منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي اڳيان ڄڻ تہ مُئل ماڻهو هئا: انهيءَ هوندي بہ تو پنهنجي ٻانهي کي انهن جي قطار ۾ داخل ڪيو جي خود تنهنجي دسترخاني تي ماني ٿا کائين. تنهنڪري ايتري ڪئي بہ مون کي ڪهڙو حق آهي تہ آءٌ بادشاهہ وٽ دانهن ڪريان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:28
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو جيڪا هيڏي ساري وفا ۽ شفقت پنهنجي ٻانهي تي ڪئي آهي، آءٌ تہ انهيءَ جي ذري جو بہ لائق نہ آهيان، ڇو تہ جڏهن آءٌ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر ويو هئس تہ مون وٽ رڳو منهنجي لٺ هئي، پر هاڻ تہ مون وٽ ٻہ ٽولا ٿي ويا آهن.


سو اوهان جي ٻانهي سمجھي ٿي تہ پنهنجي آقا بادشاهہ جي ڳالهہ تسليءَ جهڙي هوندي، ڇاڪاڻ تہ منهنجو آقا بادشاهہ چڱي ۽ بڇڙي جي پرکڻ ۾ خدا جي ملائڪ جهڙو آهي. شل خداوند اوهان جو خدا اوهان ساڻ هجي.“


ڳالهہ جو رخ مَٽائڻ لاءِ اوهان جي ٻانهي يوآب ائين ڪيو آهي. منهنجو آقا خدا جي ملائڪ جهڙو عقلمند آهي، جو ملڪ ۾ جيڪي ڳالهيون ٿين ٿيون سي سڀ ڄاڻي ٿو.“


پر جيڪڏهن هن چيو تہ ’آءٌ تو مان خوش نہ آهيان،‘ تہ پوءِ اِجھو، آءٌ تيار آهيان. جيئن کيس وڻي تيئن مون سان ڪري.“


بادشاهہ کانئس پڇيو تہ ”تنهنجي آقا سائول جو پوٽو مفيبوست ڪٿي آهي؟“ ضيبا وراڻيو تہ ”هو يروشلم ۾ رهي ٿو، ڇاڪاڻ تہ کيس پڪ آهي تہ هاڻي بني اسرائيل وارا مون کي پنهنجي ڏاڏي جي بادشاهي موٽائي ڏيندا.“


تڏهن بادشاهہ هن کي چيو تہ ”انهن ڳالهين جو وڌيڪ ذڪر ڇو ٿو ڪرين؟ مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي تہ تون ۽ ضيبا سائول بادشاهہ جي زمين پاڻ ۾ ورهايو.“


سو تون پنهنجي پٽن ۽ نوڪرن سميت هن جي لاءِ زمين آباد ڪري پيداوار کڻي اچي کيس ڏجانء، تہ جيئن تنهنجي آقا جي پوٽي جو گذران ٿئي. باقي تنهنجي آقا جو پوٽو مفيبوست پاڻ هميشہ منهنجي دسترخوان تي ماني کائيندو.“ ضيبا کي پندرهن پٽ ۽ ويهہ نوڪر هئا.


اهڙيءَ طرح مفيبوست جيڪو ٻنهي پيرن کان منڊڪائيندو هو، سو يروشلم ۾ رهڻ لڳو ۽ هميشہ بادشاهہ جي دسترخوان تي ماني کائيندو هو.


ستن سالن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ هوءَ فلستين جي ملڪ کان اسرائيل ملڪ ۾ موٽي آئي ۽ پنهنجي گھر ۽ پنهنجي زمين جي موٽي ملڻ واسطي عرض ڪرڻ لاءِ بادشاهہ ڏانهن رواني ٿي.


سو تو اهو ڪم چڱو نہ ڪيو آهي. خداوند جيئري جو قسم آهي تہ اوهين سڀ موت جا حقدار آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان پنهنجي آقا، خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي نگهباني نہ ڪئي آهي. هاڻي ڏسو، ڪٿي آهي بادشاهہ جو نيزو ۽ پاڻيءَ جي اها گھُگھي جا سندس سيرانديءَ کان رکيل هئي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ