Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:27 - Muslim Sindhi Bible

27 اٽلندو هن منهنجي آقا بادشاهہ وٽ اچي اوهان جي ٻانهي تي تهمت هنئي آهي. پر جيئن تہ منهنجو آقا بادشاهہ پرکڻ ۾ خدا جي فرشتي جهڙو آهي، تنهنڪري جيئن اوهين مناسب سمجھو تيئن ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 ۽ هن منهنجي ڌڻي بادشاهہ وٽ تنهنجي ٻانهي جي شڪايت ڪئي آهي؛ پر منهنجو ڌڻي بادشاهہ خدا جي هڪڙي ملائڪ جهڙو آهي: تنهنڪري جيڪي تنهنجي نظر ۾ مناسب اچي تيئن ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:27
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اوهان جي ٻانهي سمجھي ٿي تہ پنهنجي آقا بادشاهہ جي ڳالهہ تسليءَ جهڙي هوندي، ڇاڪاڻ تہ منهنجو آقا بادشاهہ چڱي ۽ بڇڙي جي پرکڻ ۾ خدا جي ملائڪ جهڙو آهي. شل خداوند اوهان جو خدا اوهان ساڻ هجي.“


ڳالهہ جو رخ مَٽائڻ لاءِ اوهان جي ٻانهي يوآب ائين ڪيو آهي. منهنجو آقا خدا جي ملائڪ جهڙو عقلمند آهي، جو ملڪ ۾ جيڪي ڳالهيون ٿين ٿيون سي سڀ ڄاڻي ٿو.“


بادشاهہ کانئس پڇيو تہ ”تنهنجي آقا سائول جو پوٽو مفيبوست ڪٿي آهي؟“ ضيبا وراڻيو تہ ”هو يروشلم ۾ رهي ٿو، ڇاڪاڻ تہ کيس پڪ آهي تہ هاڻي بني اسرائيل وارا مون کي پنهنجي ڏاڏي جي بادشاهي موٽائي ڏيندا.“


تڏهن بادشاهہ ضيبا کي چيو تہ ”مفيبوست جي جيڪا بہ شيءِ آهي سا سڀ هاڻي تنهنجي آهي.“ ضيبا وراڻي ڏيندي چيو تہ ”آءٌ تعظيم بجا ٿو آڻيان، اي منهنجا آقا بادشاهہ! شل آءٌ تنهنجي نظر ۾ مان لهان.“


انهيءَ سان بنيامين قبيلي جا هڪ هزار ماڻهو ۽ سائول جي گھراڻي جو نوڪر ضيبا پنهنجي پندرهن پٽن ۽ ويهن ٻانهن سميت گڏ هو. اهي اردن درياءَ تي بادشاهہ جي سامهون اچي پهتا.


اهڙيءَ طرح مفيبوست جيڪو ٻنهي پيرن کان منڊڪائيندو هو، سو يروشلم ۾ رهڻ لڳو ۽ هميشہ بادشاهہ جي دسترخوان تي ماني کائيندو هو.


بادشاهہ وڌيڪ پڇيس تہ ”ڇا سائول جي گھراڻي مان ڪو باقي بچيو آهي تہ آءٌ انهيءَ تي خدا جي نالي مهرباني ڪريان؟“ تنهن تي ضيبا بادشاهہ کي ٻڌايو تہ ”يونتن جو هڪڙو پٽ باقي بچيو آهي، جيڪو ٻنهي ٽنگن کان جڏو آهي.“


جيڪو پٺيءَ پويان ڪنهن ٻئي جون گلائون ٿو ڪري، تنهن کي آءٌ ماٺ ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ مغرور ماڻهوءَ جي برداشت نہ ڪندس.


اهي پنهنجيءَ زبان سان ڪڏهن بہ ڪنهن جي گِلا نہ ٿا ڪن، نڪي هو ڪنهن سان ڪا بدي ٿا ڪن، ۽ نہ ئي وري ڪنهن تي ڪا تهمت ٿا هڻن.


اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڏيو.


ياد رکو، پنهنجن دوستن کان خبردار رهو، پنهنجن ڀائرن تي بہ اعتبار نہ رکو، ڇاڪاڻ تہ ڀاءُ ڀاءُ سان دغا ٿو ڪري ۽ دوست دوست جي گلا ٿو ڪري.


اڪيس دائود کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون منهنجي نظر ۾ خدا جي فرشتن جهڙو نيڪ آهين. مگر فلستين جي سالارن چيو آهي تہ تون اسان سان جنگ تي نہ هل.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ