Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:26 - Muslim Sindhi Bible

26 مفيبوست ورندي ڏني تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! جيئن تہ اوهان جو هي ٻانهو منڊو آهي، سو اوهان جي ٻانهي پنهنجي نوڪر کي چيو تہ ’گڏهہ تي آٿر رک، انهيءَ لاءِ تہ ان تي چڙهي آءٌ بادشاهہ سان گڏ وڃان،‘ پر منهنجي نوڪر ضيبا مون سان دوکو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 تڏهن هن ورندي ڏني تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، منهنجي نوڪر مون سان ٺڳي ڪئي: ڇالاءِ جو تنهنجي ٻانهي چيو تہ آءٌ پنهنجي لاءِ گڏهہ ٿو پلاڻيان تہ انهيءَ تي چڙهي بادشاهہ سان وڃان؛ ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو منڊو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:26
4 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ سان بنيامين قبيلي جا هڪ هزار ماڻهو ۽ سائول جي گھراڻي جو نوڪر ضيبا پنهنجي پندرهن پٽن ۽ ويهن ٻانهن سميت گڏ هو. اهي اردن درياءَ تي بادشاهہ جي سامهون اچي پهتا.


سائول جي ٻئي پٽ يونتن کي هڪڙو منڊو پٽ هو، جنهن جو نالو مفيبوست هو. جڏهن سائول ۽ يونتن جي مرڻ جي خبر يزرعيل شهر ۾ پهتي هئي تہ ان وقت هو پنجن سالن جو هو. تڏهن سندس دائي کيس کڻي اُٿي ڀڳي هئي ۽ جيئن ئي هوءَ تڪڙي ٿي ڊوڙي تيئن هو ڪري پيو ۽ ٻنهي ٽنگن کان منڊو ٿي پيو هو.


بادشاهہ وڌيڪ پڇيس تہ ”ڇا سائول جي گھراڻي مان ڪو باقي بچيو آهي تہ آءٌ انهيءَ تي خدا جي نالي مهرباني ڪريان؟“ تنهن تي ضيبا بادشاهہ کي ٻڌايو تہ ”يونتن جو هڪڙو پٽ باقي بچيو آهي، جيڪو ٻنهي ٽنگن کان جڏو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ