Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:23 - Muslim Sindhi Bible

23 بادشاهہ شمعيءَ کي چيو تہ ”آءٌ قسم تي تو سان انجام ٿو ڪريان تہ تو کي نہ ماريو ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ بادشاهہ سمعيءَ کي چيو تہ تون نہ مرندين. ۽ بادشاهہ ساڻس قسم کنيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:23
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر بادشاهہ ابي‌شيءَ ۽ سندس ڀاءُ يوآب کي چيو تہ ”اي ضروياہ جا فرزندؤ! انهيءَ ڳالهہ ۾ اوهان جو ڇا وڃي؟ هو لعنت انهيءَ ڪري ٿو ڪري جو خداوند هن کي چيو آهي تہ ’دائود تي لعنت ڪر.‘ تڏهن پوءِ ڪير آهي جو هن کي چوي تہ ’ائين ڇو ٿو ڪرين؟‘“


پوءِ سائول جو پوٽو مفيبوست بادشاهہ جي استقبال ڪرڻ لاءِ هيٺ لهي آيو. جنهن ڏينهن بادشاهہ يروشلم کي ڇڏي نڪتو هو، تنهن ڏينهن کان وٺي بادشاهہ جي وري سلامت موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين مفيبوست نہ پنهنجا پير ڌوتا هئا، نہ پنهنجي ڏاڙهي ڪتري هئي ۽ نہ وري پنهنجا ڪپڙا ئي ڌوتا هئائين.


جنهن ڏينهن تون شهر کان ٻئي پاسي ويندين ۽ قدرون جي برساتي نهر پار ڪندين، تہ پڪ ڄاڻ تہ انهيءَ ڏينهن ضرور ماريو ويندين ۽ تنهنجو خون تنهنجي ئي سر تي پوندو.“


پوءِ بادشاهہ بناياہ کي حڪم ڏنو، جنهن وڃي شمعيءَ تي حملو ڪري کيس ماري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح سليمان جا هٿ بادشاهت تي مضبوط ٿي ويا.


ڏسو، قسم کڻڻ وقت ماڻهو پاڻ کان ڪنهن وڏي جو ئي قسم کڻندا آهن. اهڙيءَ طرح اهي تڪرار ۾ هر بحث کي ختم ڪرڻ لاءِ آخري ثابتي قسم سان ئي ڪندا آهن.


پر سائول چيو تہ ”اڄ اوهان مان ڪنهن کي بہ قتل نہ ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ اڄ خداوند بني اسرائيل کي بچايو آهي.“


تڏهن سائول قسم کڻي چيس تہ ”جيئري خداوند جو قسم آهي تہ انهيءَ ڪم جي ڪري تو کي ڪابہ سزا نہ ملندي.“


تڏهن دائود چيس تہ ”تون مون کي انهيءَ لشڪر وٽ وٺي هلندين؟“ هن وراڻيو تہ ”خدا جو قسم کڻي واعدو ڪر، تہ تون مون کي نہ قتل ڪندين ۽ نہ مون کي منهنجي مالڪ جي حوالي ڪندين، تہ پوءِ آءٌ تو کي انهيءَ لشڪر وٽ وٺي هلندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ