Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:20 - Muslim Sindhi Bible

20 جيئن تہ تنهنجو هي ٻانهو ڄاڻي ٿو تہ مون گناهہ ڪيو آهي، تنهنڪري ئي اڄ آءٌ اتر وارن ڏهن قبيلن مان سڀني کان پهريائين پنهنجي آقا بادشاهہ جي استقبال لاءِ آيو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو ڄاڻي ٿو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: تنهنڪري ڏس اڄ آءٌ، يوسف جي ساري خاندان مان سڀ کان اول پنهنجي ڌڻي بادشاهہ جي استقبال لاءِ آيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:20
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر يعقوب پنهنجو ساڄو هٿ ڊگھيري افرائيم جي مٿي تي رکيو، توڙي جو هو ننڍو هو ۽ پنهنجو کاٻو هٿ ڦيري منسيءَ جي مٿي تي رکيائين، توڙي جو منسي وڏو هو.


سو هن انهيءَ ڏينهن کين هي چوندي خير جي دعا ڏني تہ ”بني اسرائيل ٻين لاءِ خير جي دعا گھرڻ مهل هيئن چوندا تہ ’شل خدا تو کي افرائيم ۽ منسيءَ جهڙو ڪري!‘“ سو هن افرائيم کي منسيءَ تي اوليت ڏني.


جڏهن دائود بادشاهہ بحوريم شهر ۾ پهتو، تڏهن سائول جي گھراڻي جي ماڻهن مان هڪڙو شخص نڪري آيو جنهن جو نالو شمعي ولد جيرا هو. هو لعنتون وجھندو ٿي آيو.


تڏهن ابي‌شيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، ورندي ڏني تہ ”ڇا انهن ڳالهين جي ڪري شمعيءَ کي قتل نہ ڪيو ويندو؟ جڏهن تہ هن خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ تي لعنت وڌي هئي.“


هاڻي بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي ماڻهن ۾ تڪرار شروع ٿي ويو. هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”دائود بادشاهہ اسان کي اسان جي دشمنن جي هٿان ڇڏايو ۽ اسان کي فلستين جي هٿن کان بچايو. پر هو ابي‌سلوم جي ڪري ملڪ مان ڀڄي ويل آهي.


پوءِ جڏهن اتر وارن ڏهن قبيلن ٻڌو تہ يربعام مصر مان موٽي آيو آهي، تڏهن هنن ماڻهو موڪلي انهيءَ کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کيس پنهنجو بادشاهہ بڻايائون. دائود جي گھراڻي سان رڳو سندن قبيلو يهوداہ ئي وفادار رهيو.


تنهن کان پوءِ اسرائيل جو بادشاهہ يربعام افرائيم جي جابلو علائقي ۾ سڪم شهر کي ڪوٽ ٻڌرائي اُتي رهڻ لڳو. بعد ۾ هو اتان هليو ويو ۽ وڃي فنوايل شهر کي ڪوٽ ٻڌرايائين.


اي اوهين! جيڪي لبنان جي ديال وارين عمارتن ۾ ٿا گذاريو، جڏهن اوهان کي ڏک ۽ تڪليفون اچي ورائينديون، تڏهن اوهين ويم جي سورن واري عورت جيان روئندا رڙندا.“


پوءِ آءٌ انهن کي ڇڏي پنهنجي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويندس، ايستائين جو هو پنهنجا ڏوهہ نہ قبولين ۽ منهنجا طالبو نہ ٿين، ۽ مصيبت واري انهيءَ وقت ۾ دل وَ جان سان مون کان ئي مدد طلب نہ ڪن.“


آءٌ اسرائيل وارن کي ڄاڻان ٿو، اهي مون کان ڳجھا ناهن. انهن مون سان بي‌وفائي ڪئي آهي، ۽ بت‌پرستي ڪندي پاڻ کي پليت ڪيو اٿائون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ