Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:14 - Muslim Sindhi Bible

14 دائود جي انهن ڳالهين بني يهوداہ جي سڀني ماڻهن جون دليون پاڻ ڏانهن اهڙيون تہ موڙي ڇڏيون، جو هنن ڏانهس چوائي موڪليو تہ ”تون پنهنجي سڄي اٽالي سميت موٽي اچ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ هن يهوداہ جي سڀني ماڻهن جي دل اهڙي موڙي ڇڏي جهڙي هڪڙي ماڻهوءَ جي دل؛ جو انهن بادشاهہ ڏي چوائي موڪليو تہ تون ۽ تنهنجا نوڪر سڀ موٽي اچو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:14
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابي‌سلوم يوآب جي بدران عماسا کي لشڪر جي مٿان سالار مقرر ڪيو. عماسا اِترا نالي هڪڙي شخص جو پٽ هو جيڪو اسماعيل جي اولاد مان هو. اِترا جي زال جو نالو ابيجيل هو، جا ناحس جي ڌيءَ ۽ يوآب جي ماءُ ضروياہ جي ڀيڻ هئي.


تڏهن بادشاهہ پنهنجي سپهہ‌سالار عماسا کي چيو تہ ”ٽن ڏينهن جي اندر مون وٽ بني يهوداہ جا جوان مرد آڻي گڏ ڪر ۽ تون پاڻ بہ حاضر ٿج.“


اي خداوند! تو مون کي نہ رڳو منهنجي قوم جي جھيڙن کان بچايو آهي، بلڪ غير قومن جو بہ سردار بڻائي ڇڏيو اٿيئي. هائو، جن کي مون ڄاتو بہ نہ ٿي سي منهنجي تابع ٿيا آهن.


خداوند دائود سان قسم کڻي واعدو ڪيو آهي تہ هو سائول جي گھراڻي کان بادشاهت کسي اسرائيل ۽ يهوداہ مٿان دائود کي بادشاهہ بڻائيندو. اتر ۾ دان کان وٺي ڏکڻ ۾ بيرسبع تائين سندس بادشاهت هوندي. هاڻي جيڪڏهن آءٌ ابنير انهيءَ ڳالهہ کي سچ نہ ڪري ڏيکاريان تہ خدا شل مون کي ماري ختم ڪري ڇڏي.“


تنهن کان پوءِ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان ماڻهو حبرون ۾ دائود وٽ آيا ۽ کيس چوڻ لڳا تہ ”ڏس، اسين تنهنجو هڏ رت آهيون.


مسيح تي ايمان رکندڙ سڀيئي دل وَ جان سان گڏ هئا ۽ منجھائن ڪوبہ ائين نہ پيو چوي تہ ”هيءَ شيءِ منهنجي آهي،“ پر هو سڀني شين ۾ هڪجهڙا ڀائيوار هئا.


تڏهن سمورا بني اسرائيل اوڀر ۾ جِلعاد علائقي کان ۽ اتر ۾ دان شهر کان وٺي ڏکڻ ۾ بيرسبع شهر تائين هڪ دل ٿي ٻاهر نڪتا. هو مصفاہ شهر ۾ خداوند جي حضور ۾ اچي گڏ ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ