Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:12 - Muslim Sindhi Bible

12 جنهن صورت ۾ اوهين تہ بادشاهہ جا پنهنجا ۽ سندس هڏ رت آهيو، تہ پوءِ ڇو اوهين کيس موٽائي آڻڻ ۾ پٺتي پئجي ويا آهيو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 اوهين منهنجا ڀائر آهيو، اوهين منهنجو هڏ ۽ ماس آهيو: تڏهن ڇو اوهين بادشاهہ کي موٽائي آڻڻ ۾ پوئتي پيا آهيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:12
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن آدم چيو تہ ”ڏسو، هي ئي آهي، جيڪو منهنجي هڏن مان هڏو ۽ منهنجي ماس مان ماس آهي. تنهنڪري هيءَ ’ناري‘ سڏبي، ڇاڪاڻ تہ ’نر‘ مان ڪڍي ويئي آهي.“


تڏهن لابن چيس تہ ”بيشڪ تون منهنجو هڏ ۽ ماس آهين.“ سو يعقوب اهو مهينو وٽس رهي پيو.


تڏهن بني اسرائيل جي اتر وارن قبيلن جا سمورا ماڻهو بادشاهہ وٽ آيا ۽ بادشاهہ کي چيائون تہ ”ڇو اسان جا قوم وارا، بني يهوداہ جا ماڻهو اوهان کي لڪ چوريءَ وٺي آيا آهن؟ هو ڇو بادشاهہ کي سندس گھراڻي ۽ سندس سڀني ماڻهن سميت اردن درياءُ پار ٽپائي وٺي آيا آهن؟“


تنهن تي بني يهوداہ جي سڀني ماڻهن ٻين بني اسرائيل وارن ماڻهن کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اسان انهيءَ ڪري ائين ڪيو جو بادشاهہ اسان جو ويجھو مائٽ آهي. پر اوهين انهيءَ ڳالهہ تي ڇو ٿا ڪاوڙجو؟ ڇا اسان بادشاهہ جو ڪجھہ کاڌو آهي؟ يا ڇا هن اسان کي ڪا بخشش ڏيئي ڇڏي آهي؟“


تنهن کان پوءِ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان ماڻهو حبرون ۾ دائود وٽ آيا ۽ کيس چوڻ لڳا تہ ”ڏس، اسين تنهنجو هڏ رت آهيون.


صدوق ولد اخيطوب ۽ اخيملڪ ولد ابي‌ياتر ڪاهن هئا ۽ شراياہ شاهي محرر هو.


انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڪنهن طرح پنهنجي قوم وارن کي غيرت ڏياريان ۽ انهن مان ڪن کي بچائي وٺان.


ڇاڪاڻ تہ اها سندس بدن آهي ۽ اسين انهيءَ بدن جا عضوا آهيون.


”سڪم جي سڀني رهاڪن کان پڇي ڏسو تہ ڇا اوهان جي لاءِ اها ڳالهہ بهتر آهي تہ جِدعون جا سڀيئي يعني ستر ئي پٽ اوهان تي حڪومت ڪن يا اها ڳالهہ تہ هڪڙو ئي ماڻهو اوهان تي حڪومت ڪري؟ اهو پڻ ياد رکو تہ آءٌ اوهان جو هڏ رت آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ