2.سموئيل 19:10 - Muslim Sindhi Bible10 جڏهن تہ ابيسلوم جنهن کي اسان مسح ڪري پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو، سو جنگ ۾ مري ويو آهي. تڏهن هاڻي اوهين دائود بادشاهہ کي موٽائي وٺي اچڻ جي ڳالهہ ڇو نہ ٿا ڪريو؟“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 ۽ ابي سلوم جنهن کي اسان مسح ڪري پنهنجي مٿان مقرر ڪيو سو جنگ ۾ مري ويو آهي. تنهنڪري هاڻي ڇو اوهين بادشاهہ کي موٽي وٺي اچڻ جو ذڪر ئي نٿا ڪريو؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جڏهن اها خبر دائود بادشاهہ کي پيئي، تڏهن هن صدوق ۽ ابيياتر ڪاهنن جي هٿان بني يهوداہ جي سردارن کي چوائي موڪليو تہ ”ڇو اوهين بادشاهہ کي پنهنجي تخت تي موٽائي آڻڻ ۾ سڀني کان پٺتي پئجي ويا آهيو؟ جڏهن تہ بادشاهہ تائين اها خبر پهچي ويئي آهي تہ سڄو بني اسرائيل چوي ٿو تہ بادشاهہ کي موٽائي پنهنجي تخت تي آڻجي.