Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 18:32 - Muslim Sindhi Bible

32 بادشاهہ سوڊانيءَ کان پڇيو تہ ”اهو جوان ماڻهو ابي‌سلوم تہ سلامت آهي نہ؟“ سوڊانيءَ ورندي ڏني تہ ”منهنجي آقا بادشاهہ جا دشمن ۽ جيڪي تو کي نقصان رسائڻ لاءِ تنهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿين، تن جو شل اهڙو حال ٿئي جهڙو انهيءَ جوان ماڻهوءَ جو ٿيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 ۽ بادشاهہ ڪوشيءَ کي چيو تہ جوان ماڻهو ابي سلوم سان تہ خير آهي؟ ۽ ڪوشيءَ ورندي ڏني تہ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جا دشمن، ۽ جي توکي ايذاءُ رسائڻ لاءِ تنهنجي برخلاف کڙا ٿين، تن جو شل اهڙو حال ٿئي جهڙو انهي جوان ماڻهو جو ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 18:32
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يوآب هڪڙي سوڊانيءَ کي چيو تہ ”جيڪي تو ڏٺو آهي سو وڃي بادشاهہ کي ٻڌاءِ.“ تڏهن ان سوڊانيءَ جھڪي يوآب کي تعظيم ڏني ۽ اُٿي ڀڳو.


تنهن تي بادشاهہ پڇيس تہ ”اهو جوان ابي‌سلوم تہ سلامت آهي نہ؟“ اخيمعض ورندي ڏنس تہ ”جڏهن يوآب اوهان جي هن ٻانهي کي روانو ڪيو، تڏهن مون هڪڙو وڏو گوڙ شور ڏٺو، پر مون کي خبر نہ پيئي تہ ڇا ٿيو.“


اي خداوند! اهي تهمتون آهن، جيڪي منهنجا مخالف مون تي هڻن ٿا. پر تون انهن ماڻهن کي اهڙو ئي بدلو ڏيئي ڇڏ.


ڇاڪاڻ تہ هُن جي انساني سوچ بدلجي حيواني ٿيندي، ايستائين جو هن جي مٿان ستن سالن جو عرصو گذري ويندو.


تڏهن دانيال عرف بيلطشضر گھڙي کن تائين پريشان ٿي ويو ۽ ڳڻتين ۾ پئجي ويو. تنهن تي بادشاهہ چيس تہ ”اي بيلطشضر! انهيءَ خواب ۽ ان جي تعبير کان تون پريشان نہ ٿيءُ.“ بيلطشضر کيس وراڻيو تہ ”ڪاش، اي منهنجا آقا! اهو خواب توهان جي ويرين لاءِ هجي ها ۽ ان جو تعبير توهان جي دشمنن لاءِ.


اي خداوند! ڀل تنهنجا سڀ دشمن ائين برباد ٿين. تو کي پيار ڪرڻ وارا ڀل انهيءَ سج جيان هجن، جيڪو پوري آب وَ تاب سان اُڀري ٿو.“ پوءِ ملڪ ۾ چاليهن سالن تائين امن وَ امان رهيو.


پر اي منهنجا آقا! جڏهن تہ خداوند توهان کي خونريزيءَ کان ۽ پنهنجي هٿن سان پنهنجو وير وٺڻ کان روڪيو آهي، سو هاڻ خداوند جيئري جو قسم ۽ توهان جي جان جو قسم آهي تہ شل توهان جا دشمن ۽ اهي سڀيئي جيڪي اوهان جا بدخواہ آهن تن سان بہ نابال جهڙي ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ