Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 18:31 - Muslim Sindhi Bible

31 ايتري ۾ اهو سوڊاني بہ اچي پهتو ۽ چوڻ لڳو تہ ”منهنجي آقا بادشاهہ جي لاءِ خوشخبري آهي تہ خداوند اڄوڪي ڏينهن انهن سڀني ماڻهن کان تنهنجو بدلو ورتو آهي، جن تنهنجي خلاف بغاوت ڪئي هئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ۽ ڏس، اُهو ڪوشي آيو؛ ۽ ڪوشيءَ چيو تہ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي لاءِ خبر: ڇالاءِ جو خداوند اڄوڪي ڏينهن تنهنجو وير سڀني ماڻهن کان ورتو آهي جن تنهنجي برخلاف ڪمر ٻڌي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 18:31
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ صدوق جي پٽ اخيمعض يوآب کي چيو تہ ”مون کي موڪل ڏي تہ ڊوڙي وڃي آءٌ بادشاهہ کي خوشخبري ڏيان تہ ڪيئن نہ خداوند سندس دشمنن کان بدلو ورتو آهي.“


تڏهن اخيمعض رڙ ڪري بادشاهہ کي چيو تہ ”بادشاهہ سلامت رهو.“ پوءِ زمين تي منهن رکي بادشاهہ کي تعظيم ڏنائين ۽ چوڻ لڳو تہ ”واکاڻ هجي خداوند خدا جي جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن اسان کي انهن ماڻهن تي فتح بخشي جن منهنجي آقا بادشاهہ سان بغاوت ڪئي هئي.“


تڏهن بادشاهہ چيس تہ ”هن پاسي ٿي بيهي رهہ.“ سو هو پاسي ٿي ماٺ ڪري بيهي رهيو.


سچار جڏهن اهو بدلو ڏسندا تڏهن هو ڏاڍا خوش ٿيندا، ۽ بدڪارن جي رت ۾ پنهنجا پير ٻوڙيندا.


تڏهن دانيال عرف بيلطشضر گھڙي کن تائين پريشان ٿي ويو ۽ ڳڻتين ۾ پئجي ويو. تنهن تي بادشاهہ چيس تہ ”اي بيلطشضر! انهيءَ خواب ۽ ان جي تعبير کان تون پريشان نہ ٿيءُ.“ بيلطشضر کيس وراڻيو تہ ”ڪاش، اي منهنجا آقا! اهو خواب توهان جي ويرين لاءِ هجي ها ۽ ان جو تعبير توهان جي دشمنن لاءِ.


اي خداوند! ڀل تنهنجا سڀ دشمن ائين برباد ٿين. تو کي پيار ڪرڻ وارا ڀل انهيءَ سج جيان هجن، جيڪو پوري آب وَ تاب سان اُڀري ٿو.“ پوءِ ملڪ ۾ چاليهن سالن تائين امن وَ امان رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ