30 تڏهن بادشاهہ چيس تہ ”هن پاسي ٿي بيهي رهہ.“ سو هو پاسي ٿي ماٺ ڪري بيهي رهيو.
30 ۽ بادشاهہ چيو تہ پاسي ٿي هيڏي بيهي رهہ. ۽ هو ماٺ ڪري پاسي تي بيهي رهيو.
تنهن تي بادشاهہ پڇيس تہ ”اهو جوان ابيسلوم تہ سلامت آهي نہ؟“ اخيمعض ورندي ڏنس تہ ”جڏهن يوآب اوهان جي هن ٻانهي کي روانو ڪيو، تڏهن مون هڪڙو وڏو گوڙ شور ڏٺو، پر مون کي خبر نہ پيئي تہ ڇا ٿيو.“
ايتري ۾ اهو سوڊاني بہ اچي پهتو ۽ چوڻ لڳو تہ ”منهنجي آقا بادشاهہ جي لاءِ خوشخبري آهي تہ خداوند اڄوڪي ڏينهن انهن سڀني ماڻهن کان تنهنجو بدلو ورتو آهي، جن تنهنجي خلاف بغاوت ڪئي هئي.“