Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 18:24 - Muslim Sindhi Bible

24 هوڏانهن دائود ڪوٽ جي اندرين ۽ ٻاهرين درن جي وچ ۾ ويٺو هو. ان وقت پهريدار ڪوٽ واري دروازي جي ڇت تي چڙهي ويو ۽ ڇا ڏٺائين تہ هڪڙو ماڻهو اڪيلو ڊوڙندو پيو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 هاڻي دائود ٻن درن جي وچ ۾ ويٺو هو: ۽ پهري وارو دروازي جي ڇت تي چڙهي ڀت تائين ويو، ۽ اکيون مٿي کڻي نهاري ڏسي تہ هڪڙو ماڻهو اڪيلو ڊوڙي پيو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 18:24
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وچ ۾ ابي‌سلوم ڀڄي نڪتو. هوڏانهن جنهن ماڻهوءَ پهرو ٿي ڏنو تنهن جڏهن ڏٺو تہ جبل واري پاسي کان ماڻهن جو هڪڙو وڏو ميڙ پيو اچي، تڏهن هن اها ڳالهہ بادشاهہ کي وڃي ٻڌائي.


پر هن چيس تہ ”ڪجھہ بہ ٿي پوي، آءٌ ويندس.“ تڏهن يوآب چيس تہ ”ڀلي وڃ.“ سو اخيمعض اردن ماٿريءَ وارو رستو ڏيئي اُٿي ڀڳو ۽ سوڊانيءَ کان اڳي نڪري ويو.


تڏهن هن رڙ ڪري بادشاهہ کي اها خبر ٻڌائي. بادشاهہ چيو تہ ”جيڪڏهن هو اڪيلو آهي تہ ضرور ڪا خوشخبري آڻي رهيو آهي.“ ايتري ۾ هو ڊوڙندو اچي ويجھو پهتو.


تڏهن دائود بادشاهہ انهن کي وراڻيو تہ ”جيئن اوهان کي چڱو لڳي تيئن ئي آءٌ ڪندس.“ پوءِ بادشاهہ شهر جي دروازي جي پاسي ۾ ٿي بيٺو ۽ هزار هزار جي ٽولن وارا سڀ جوان سَون سَون جي ٽولين ۾ قطارون ٺاهي لنگھندا رهيا.


تڏهن بادشاهہ اٿيو ۽ شهر جي دروازي ۾ وڃي ويٺو. پوءِ جڏهن سڄي لشڪر کي ٻڌايو ويو تہ بادشاهہ شهر جي دروازي ۾ ويٺو آهي، تڏهن اهي سڀ بادشاهہ جي اڳيان اچي گڏ ٿيا. انهيءَ وچ ۾ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن ڀڄي هليا ويا هئا.


ان وقت عيلي جيڪو خدا جي عهد واري صندوق لاءِ تمام گھڻو فڪرمند هو، سو رستي وٽ ڪرسيءَ تي ويٺي انتظار ڪري رهيو هو. جڏهن اهو ماڻهو شهر ۾ آيو ۽ اچي اها خبر ٻڌايائين، تڏهن سڄو شهر رڙيون ڪري روئڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ