Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 18:20 - Muslim Sindhi Bible

20 يوآب کيس چيو تہ ”نہ، اڄ تون ڪابہ خوشخبري نہ ٻڌائڻ وڃ، تون ڪنهن ٻئي ڏينهن ڪا ٻي خوشخبري ٻڌائڻ وڃجانءِ، پر اڄ نہ، ڇو تہ بادشاهہ جو پٽ مري ويو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ يوآب هن کي چيو تہ اڄ تون اها خبر نہ کڻي وڃ، پر ڪنهن ٻئي ڏينهن اها کڻي وڃجانءِ، اڄ هن ڪري خبر نہ کڻي وڃ جو بادشاهہ جو پٽ مري ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 18:20
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ صدوق جي پٽ اخيمعض يوآب کي چيو تہ ”مون کي موڪل ڏي تہ ڊوڙي وڃي آءٌ بادشاهہ کي خوشخبري ڏيان تہ ڪيئن نہ خداوند سندس دشمنن کان بدلو ورتو آهي.“


پوءِ يوآب هڪڙي سوڊانيءَ کي چيو تہ ”جيڪي تو ڏٺو آهي سو وڃي بادشاهہ کي ٻڌاءِ.“ تڏهن ان سوڊانيءَ جھڪي يوآب کي تعظيم ڏني ۽ اُٿي ڀڳو.


پهريدار چيو تہ ”منهنجي خيال ۾ جيڪو اڳ ۾ ڊوڙندو پيو اچي سو صدوق جي پٽ اخيمعض وانگر پيو لڳي.“ بادشاهہ چيو تہ ”هو چڱو ماڻهو آهي، سو ضرور ڪا چڱي خبر پيو آڻي.“


تنهن تي بادشاهہ پڇيس تہ ”اهو جوان ابي‌سلوم تہ سلامت آهي نہ؟“ اخيمعض ورندي ڏنس تہ ”جڏهن يوآب اوهان جي هن ٻانهي کي روانو ڪيو، تڏهن مون هڪڙو وڏو گوڙ شور ڏٺو، پر مون کي خبر نہ پيئي تہ ڇا ٿيو.“


تڏهن بادشاهہ جي حالت خراب ٿي ويئي. پوءِ هو انهيءَ ڪمري ڏانهن جيڪو دروازي جي مٿان هو، روئندو ويو ۽ هيئن چوندو ويو تہ ”او منهنجا پٽ ابي‌سلوم! هاءِ منهنجا پٽ! او منهنجا پٽ ابي‌سلوم! شل آءٌ تنهنجي بدران مران ها تہ چڱو هو. هاءِ منهنجا پٽ ابي‌سلوم! او منهنجا پٽ!“


پوءِ بادشاهہ يوآب، ابي‌شي ۽ اِتيءَ کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”منهنجي خاطر انهيءَ جوان ماڻهوءَ ابي‌سلوم سان نرميءَ وارو سلوڪ ڪجو.“ ابي‌سلوم جي باري ۾ سالارن کي ڏنل بادشاهہ جو اهو حڪم سڀني جنگي جوانن ٻڌو.


يوآب کي ٻڌايو ويو تہ بادشاهہ ابي‌سلوم لاءِ روئي ٿو ۽ سوڳ ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ