Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 18:19 - Muslim Sindhi Bible

19 تنهن کان پوءِ صدوق جي پٽ اخيمعض يوآب کي چيو تہ ”مون کي موڪل ڏي تہ ڊوڙي وڃي آءٌ بادشاهہ کي خوشخبري ڏيان تہ ڪيئن نہ خداوند سندس دشمنن کان بدلو ورتو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 تنهن کان پوءِ صدوق جي پٽ اخيمعض چيو تہ هاڻي مون کي موڪل ڏي تہ ڊوڙي وڃي بادشاهہ کي خبر ڏيان تہ ڪيئن خداوند سندس دشمنن کان وير ورتو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 18:19
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ صدوق ڪاهن کي اهو بہ چيو تہ ”تون سٺو سمجھدار آهين، سو تون پنهنجي پٽ اخيمعض ۽ ابي‌ياتر پنهنجي پٽ يونتن سان گڏ، يعني اوهين ٻيئي پنهنجن پٽن سميت سلامتيءَ سان شهر ڏانهن موٽي وڃو.


اتي هنن سان سندن ٻہ پٽ بہ گڏ آهن، هڪڙو اخيمعض ولد صدوق ۽ ٻيو يونتن ولد ابي‌ياتر. سو جيڪا بہ ڳالهہ اوهين ٻڌو، سا انهن جي هٿان مون ڏانهن چوائي موڪلجو.“


ابي‌ياتر جو پٽ يونتن ۽ صدوق جو پٽ اخيمعض، ٻئي يروشلم جي ٻاهران عين‌راجل چشمي وٽ رهيا پيا هوندا هئا، انهيءَ لاءِ تہ جيئن ڪو کين شهر ۾ ايندو نہ ڏسي. هڪڙي نوڪرياڻي وڃي انهن کي خبرچار ڏيندي هئي ۽ هو وڃي اها دائود بادشاهہ کي ٻڌائيندا هئا.


يوآب کيس چيو تہ ”نہ، اڄ تون ڪابہ خوشخبري نہ ٻڌائڻ وڃ، تون ڪنهن ٻئي ڏينهن ڪا ٻي خوشخبري ٻڌائڻ وڃجانءِ، پر اڄ نہ، ڇو تہ بادشاهہ جو پٽ مري ويو آهي.“


پر هن چيس تہ ”ڪجھہ بہ ٿي پوي، آءٌ ويندس.“ تڏهن يوآب چيس تہ ”ڀلي وڃ.“ سو اخيمعض اردن ماٿريءَ وارو رستو ڏيئي اُٿي ڀڳو ۽ سوڊانيءَ کان اڳي نڪري ويو.


ايتري ۾ اهو سوڊاني بہ اچي پهتو ۽ چوڻ لڳو تہ ”منهنجي آقا بادشاهہ جي لاءِ خوشخبري آهي تہ خداوند اڄوڪي ڏينهن انهن سڀني ماڻهن کان تنهنجو بدلو ورتو آهي، جن تنهنجي خلاف بغاوت ڪئي هئي.“


پر تون ئي تہ ڏسين ٿو پيو، هائو، جيڪي ڏک ۽ غم ۾ آهن تن تي تنهنجي نگاهہ آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون انهن جي مدد ڪرين. لاچار ۽ يتيم پاڻ کي تنهنجي حوالي ڪن ٿا، هنن جو مددگار تون ئي تہ آهين.


مظلومن ۽ يتيمن جون دانهون ٻڌي، تون سندن اهڙو انصاف ڪندين، جو مٽيءَ مان ٺهيل ڪو انسان وري ڪنهن تي ظلم نہ ڪري.


اي خداوند! تون پنهنجي قهر وَ غضب سان اُٿ، تون منهنجي دشمنن جي غضب آڏو اُٿي کڙو ٿيءُ. اُٿ، اي خداوند! منهنجي مدد ڪر، ۽ حڪم ڏي تہ جيئن انصاف ٿئي.


بيشڪ تو تخت تي ويهي صحيح انصاف ڪيو آهي، ۽ حق تي هجڻ واري منهنجي دعويٰ کي تو سچو ثابت ڪيو آهي.


هر طرف کان قاصدن پٺيان قاصد ڊوڙندا ٿا اچن، انهيءَ لاءِ تہ بابل جي بادشاهہ کي ٻڌائين تہ سندس سڄي شهر تي قبضو ٿي ويو آهي.


اي منهنجا عزيزؤ! پاڻ ڪڏهن بہ بدلو نہ وٺو، پر اهو خدا جي غضب تي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ