Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 18:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تڏهن يوآب جا ڏهہ هٿياربند محافظ بہ ابي‌سلوم جي چوڌاري ڦري آيا ۽ کيس وڌيڪ ڌڪ هڻي ماري وڌائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ ڏهہ جوان ماڻهو، جي يوآب جا زرهہ بردار هئا، سي ابي سلوم کي چوڌاري ڦري آيا، ۽ کيس ماري وڌائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 18:15
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري، هاڻي تنهنجي گھراڻي تان تلوار اصل ڪانہ ٽرندي، ڇاڪاڻ تہ تو مون کي خسيس ڄاتو آهي جو تو اورياہ حتيءَ جي زال کي پنهنجي زال بڻايو آهي.


تنهن تي يوآب چيس تہ ”آءٌ تو وٽ ترسي وڌيڪ وقت وڃائي نہ ٿو سگھان.“ پوءِ هو شاهہ‌بلوط وڻ وٽ آيو، جتي ابي‌سلوم جيئرو ٽنگيل هو. اتي هن ابي‌سلوم جي سيني ۾ ٽي نيزا هڻي وڌا.


پوءِ يوآب جنگ کي روڪڻ لاءِ نفيل وڄرائي تہ بني اسرائيل جو پيڇو ڪندڙ جوان موٽي آيا.


جڏهن اها خبر دائود بادشاهہ کي پيئي، تڏهن هن صدوق ۽ ابي‌ياتر ڪاهنن جي هٿان بني يهوداہ جي سردارن کي چوائي موڪليو تہ ”ڇو اوهين بادشاهہ کي پنهنجي تخت تي موٽائي آڻڻ ۾ سڀني کان پٺتي پئجي ويا آهيو؟ جڏهن تہ بادشاهہ تائين اها خبر پهچي ويئي آهي تہ سڄو بني اسرائيل چوي ٿو تہ بادشاهہ کي موٽائي پنهنجي تخت تي آڻجي.


’شريرن جي سوڀ عارضي هوندي آهي؟‘ هائو، جيڪي ماڻهو خدا تي ڀروسو نہ رکندا آهن، تن جي خوشي ٿوري دير لاءِ هوندي آهي.


مون بدڪار ماڻهوءَ کي ڏاڍو زور وٺندي ڏٺو آهي، هائو، جهڙيءَ طرح ڀلي ٻنيءَ ۾ لڳل سائو وڻ زور وٺي ٿو.


بدڪار ماڻهو هميشہ فساد چاهيندا ٿا وتن، تنهنڪري کين سخت سزا ڏيڻ لاءِ بي‌رحم ماڻهو مٿن اچي ڪڙڪن ٿا.


جيڪو خون جو ڏوهاري آهي، تنهن جي اوهين مدد نہ ڪريو. اهو جلدي وڃي قبر ۾ پوندو.


جيڪو کڏ کوٽي ٿو سو انهيءَ ۾ ڪري سگھي ٿو. جيڪو لوڙهي کي پَٽي ٿو تنهن کي نانگ ڏنگي سگھي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ