Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 18:10 - Muslim Sindhi Bible

10 سو هڪڙي ماڻهوءَ کيس ڏسي ورتو ۽ وڃي يوآب کي ٻڌايائين تہ ”مون ابي‌سلوم کي شاهہ‌بلوط جي هڪڙي وڻ ۾ لٽڪندو ڏٺو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ هڪڙي ماڻهوءَ ڏسي ورتس، ۽ انهيءَ وڃي يوآب کي ٻڌايو ۽ چيائينس تہ ڏس مون ابي سلوم کي هڪڙي شاهہ بلوط ۾ لٽڪندو ڏٺو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 18:10
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابرام انهيءَ ملڪ مان لنگھي اچي سڪم شهر ۾ مورہ جي شاهہ‌بلوط وڻ واري هنڌ تي پهتو. تنهن وقت ڪنعاني انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا.


تڏهن يوآب انهيءَ کي چيو تہ ”جڏهن تو هن کي ڏٺو، تڏهن ڇو نہ کيس اتي ئي ماري ڇڏيُئِہ؟ جيڪڏهن تون ائين ڪرين ها تہ ڏهہ چانديءَ جا سڪا ۽ هڪڙو ڪمربند مون تي تنهنجو حق ٿئي ها.“


اتفاق سان ابي‌سلوم دائود جي ڪجھہ جوانن جي منهن پئجي ويو. هو هڪڙي خچر تي چڙهيل هو. اهو خچر جڏهن هڪڙي گھاٽي شاهہ‌بلوط وڻ جي ٽارين هيٺان لنگھيو تہ ابي‌سلوم جو مٿو انهيءَ وڻ ۾ ڦاسي پيو ۽ هو زمين کان مٿي لٽڪي پيو، جڏهن تہ سندس خچر هيٺان نڪري اڳتي هليو ويو.


تنهن جي اولاد مان ست ڄڻا اسان جي حوالي ڪيا وڃن، تہ انهن کي اسين انهيءَ جي ئي جِبعت شهر ۾، خداوند جي فيصلي موجب ڦاسي ڏيئي لٽڪايون.“ بادشاهہ کين چيو تہ ”آءٌ اهي اوهان جي حوالي ڪندس.“


هاڻي جيڪڏهن اهو سچ آهي تہ جيڪي بہ بدڪار آهن، خدا رڳو تن تي ئي مصيبت ۽ تباهي ٿو موڪلي،


هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي شريعت تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو صليب تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ