پر جيڪڏهن تون موٽي شهر ڏانهن ويندين ۽ وڃي ابيسلوم کي چوندين تہ ’اي بادشاهہ! آءٌ اوهان جو ٻانهو آهيان، گذريل وقت ۾ جيئن آءٌ اوهان جي پيءُ جو ٻانهو ٿي رهيو آهيان، تيئن هاڻي آءٌ اوهان جو ٻانهو ٿي رهندس،‘ تڏهن تون اخيتفل جي صلاح مصلحت کي رد ڪري منهنجي مدد ڪري سگھندين.
اخيتفل ابيسلوم کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي پيءُ جي سريتن سان وڃي همبستر ٿيو، جن کي هو محلات جي سنڀال لاءِ ڇڏي ويو آهي. اهڙيءَ طرح اوهان جي پيءُ کي اوهان کان نفرت ٿيندي ۽ پوءِ جڏهن بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو اها ڳالهہ ٻڌندا تڏهن جيڪي ماڻهو اوهان سان آهن تن جي همت وڌي ويندي.“