Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 17:25 - Muslim Sindhi Bible

25 ابي‌سلوم يوآب جي بدران عماسا کي لشڪر جي مٿان سالار مقرر ڪيو. عماسا اِترا نالي هڪڙي شخص جو پٽ هو جيڪو اسماعيل جي اولاد مان هو. اِترا جي زال جو نالو ابيجيل هو، جا ناحس جي ڌيءَ ۽ يوآب جي ماءُ ضروياہ جي ڀيڻ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ۽ ابي سلوم يوآب جي بجاءِ عماسا کي لشڪر جي مٿان مقرر ڪيو. هاڻي عماسا اترا نالي اسرائيليءَ جو پٽ هو، جو يوآب جي ماءُ، ضروياہ جي ڀيڻ ناحس جي ڌيءَ ابيجيل سان سُتو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 17:25
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابي‌سلوم ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن جِلعاد جي علائقي ۾ اچي خيما کوڙيا.


دائود هنن جي هٿان عماسا کي بہ چوائي موڪليو تہ ”تون منهنجو هڏ رت ناهين ڇا؟ سو هاڻي کان آءٌ پنهنجي اڳيان تو کي يوآب جي بدران هميشہ جي لاءِ فوج جو سپهہ‌سالار بڻايان ٿو. جيڪڏهن آءٌ ائين نہ ڪريان تہ شل خدا مون سان ائين ئي بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪري.“


دائود جي انهن ڳالهين بني يهوداہ جي سڀني ماڻهن جون دليون پاڻ ڏانهن اهڙيون تہ موڙي ڇڏيون، جو هنن ڏانهس چوائي موڪليو تہ ”تون پنهنجي سڄي اٽالي سميت موٽي اچ.“


تڏهن بادشاهہ پنهنجي سپهہ‌سالار عماسا کي چيو تہ ”ٽن ڏينهن جي اندر مون وٽ بني يهوداہ جا جوان مرد آڻي گڏ ڪر ۽ تون پاڻ بہ حاضر ٿج.“


اها خبر يوآب تائين وڃي پهتي، جنهن ابي‌سلوم سان نہ پر ادونياہ سان ملي‌ڀڳت ڪئي هئي. سو هو خداوند جي خيمي ڏانهن ڀڄي ويو ۽ وڃي قربان‌گاهہ جا سڱ جھلي بيٺو.


جيڪو رت هن وهايو هو تنهن جو کيس خداوند بدلو ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ هن منهنجي پيءُ دائود جي بي‌خبريءَ ۾ ٻن ڄڻن تي حملو ڪري کين تلوار سان ماري ڇڏيو هو. اهي ٻيئي ڄڻا، عماسا ولد يتر جيڪو بني يهوداہ جي لشڪر جو سپهہ‌سالار هو ۽ ابنير ولد نير جيڪو باقي بني اسرائيل جي لشڪر جو سپهہ‌سالار هو، سي هن کان بهتر ۽ سچار هئا.


تنهن کان سواءِ تون اهو بہ ڄاڻين ٿو تہ يوآب جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن مون سان ڇا ڪيو، يعني بني اسرائيل جي لشڪرن جي ٻن سپهہ‌سالارن ابنير ولد نير ۽ عماسا ولد يتر سان ڇا ڇا نہ ڪيائين. هن کين قتل ڪيو، صلح جي وقت جنگ وارو رت وهايائين ۽ انهيءَ رت سان پنهنجو ڪمر پٽو ۽ پنهنجي جتي رڱيائين.


جڏهن دائود فلستين سان گڏجي بادشاهہ سائول سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيو، تڏهن منسيءَ قبيلي جا ڪجھہ سپاهي پڻ دائود جي طرف هليا ويا. حقيقت ۾ دائود ۽ سندس ساٿين فلستين کي ڪابہ مدد ڪانہ ڏني، ڇو تہ فلستين جي سردارن صلاح مشوري کان پوءِ دائود کي موٽائي ڇڏيو هو. هنن سوچيو تہ ”جيڪڏهن هو وڃي پنهنجي مالڪ سائول سان شامل ٿيو تہ پوءِ اسان جي سِرن کي خطرو آهي.“


يسيءَ جا ست پٽ نمبروار هي هئا: الياب، ابينداب، سمعي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ