Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 17:22 - Muslim Sindhi Bible

22 تڏهن دائود ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا سي سڀ اٿيا ۽ اردن درياءُ لنگھي پار ٿيا. صبح جي سوجھري ٿيڻ تائين انهن مان هڪڙو بہ پوئتي ڪين رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 تڏهن دائود ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي سڀ اُٿيا، ۽ يردن لنگهي پار ٿيا: صبح جي سوجهري ٿيڻ وقت ڌاري هڪڙو بہ ڪونہ بچيو جو يردن لنگهي هن ڀر نہ ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 17:22
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن جي وڃڻ کان پوءِ هو ٻئي کوهہ مان نڪري روانا ٿيا ۽ وڃي دائود بادشاهہ وٽ پهتا. پوءِ جيڪا صلاح اخيتفل ابي‌سلوم کي ڏني هئي سا کيس ٻڌايائون ۽ وڌيڪ چيائون تہ ”اُٿو ۽ جلدي درياءُ پار ڪري هليا وڃو.“


اخيتفل جڏهن ڏٺو تہ سندس صلاح تي عمل نہ ڪيو ويو آهي، تڏهن هن پنهنجي گڏهہ تي آٿر رکيو ۽ اُٿي پنهنجي شهر ڏانهن روانو ٿيو. گھر پهچي پنهنجي گھر جي انتظام بابت وصيت ڪيائين. پوءِ پاڻ کي ڦاهي ڏيئي ماري ڇڏيائين ۽ کيس پنهنجي خانداني قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


جنهن وقت دائود محنايم شهر ۾ وڃي پهتو، تنهن وقت ابي‌سلوم ۽ بني اسرائيل جا جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا، سي اردن درياءُ ٽپي پار ٿيا.


هاڻ آءٌ جلاوطنيءَ ۾ دلگير ٿي پيو آهيان، سو آءٌ خدا کي ياد ڪريان ٿو. هائو، جڏهن آءٌ حرمون ۽ مصفار جبلن تي، بلڪ اردن جي پوري علائقي ۾ سندس حضور ۾ ٿي رهيس، تنهن کي آءٌ ياد ٿو ڪريان.


سياڻو ماڻهو مصيبت کي ايندو ڏسي پاسو ڪريو وڃي، مگر بي‌سمجھہ ماڻهو سڌا اوڏانهن وڌيو وڃن، ۽ پوءِ مصيبت ۾ وڃيو ڦاسن.


انهن کيس چيو تہ ”جيڪي جنگي جوان اسان جي هٿ هيٺ هئا، تن جو اسان اوهان جي ٻانهن شمار ڪيو آهي. انهن مان هڪڙو بہ کُٽل ناهي.


”ڏسو، آءٌ اوهان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنهنڪري اوهين نانگن وانگر چالاڪ ۽ ڪبوترن وانگر بي‌ضرر ٿجو.


هن اهو انهيءَ لاءِ چيو تہ جيڪو اڳي چيو هئائين سو پورو ٿئي تہ ”اي بابا! تو جيڪي مون کي ڏنا هئا تن مان مون ڪنهن هڪ کي بہ نہ وڃايو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ