Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 17:20 - Muslim Sindhi Bible

20 جڏهن ابي‌سلوم جا نوڪر انهيءَ گھر ۾ آيا ۽ انهيءَ عورت کان پڇيائون تہ ”اخيمعض ۽ يونتن ڪٿي آهن؟“ تڏهن هن کين ورندي ڏني تہ ”اُهي نهر کان پار ٽپي ويا.“ پوءِ هنن انهن جي ڳولا ڪئي، پر جڏهن کين ڪين لڌائون تڏهن موٽي يروشلم ڏانهن هليا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ ابي سلوم جا نوڪر انهيءَ گهر ۾ انهيءَ زال وٽ آيا؛ ۽ چوڻ لڳا تہ اخيمعض ۽ يونتن ڪٿي آهن؟ ۽ انهيءَ زال ورندي ڏني تہ هو نهر جي پار لنگهي ويا؛ پوءِ هنن انهن کي ڳولهيو پر نہ لڌائون، تڏهن هو موٽي يروشلم ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 17:20
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪڏهن تون موٽي شهر ڏانهن ويندين ۽ وڃي ابي‌سلوم کي چوندين تہ ’اي بادشاهہ! آءٌ اوهان جو ٻانهو آهيان، گذريل وقت ۾ جيئن آءٌ اوهان جي پيءُ جو ٻانهو ٿي رهيو آهيان، تيئن هاڻي آءٌ اوهان جو ٻانهو ٿي رهندس،‘ تڏهن تون اخيتفل جي صلاح مصلحت کي رد ڪري منهنجي مدد ڪري سگھندين.


تنهن تي داين فرعون کي وراڻيو تہ ”عبراني عورتون مصر جي عورتن وانگر نہ آهن. اُهي اهڙيون تہ صحتمند آهن جو داين جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي ويم ڪريو ڇڏين.“


اوهين چوري نہ ڪجو، نڪي هڪٻئي سان دوکو ڪجو ۽ نہ وري ڪوڙ ڳالهائجو.


پوءِ سيسرا چيس تہ ”تون تنبوءَ جي در تي بيهي رهہ، جيڪڏهن ڪو ماڻهو اچي تو کان پڇي تہ ’هتي ڪو ماڻهو آيو آهي؟‘ تڏهن تون چئجانس تہ ’نہ.‘“


دائود کيس وراڻيو تہ ”بادشاهہ مون تي هڪڙو ڪم رکيو آهي ۽ مون کي چيو اٿس تہ ’جنهن ڪم لاءِ آءٌ تو کي موڪليان ٿو ۽ جيڪو حڪم مون تو کي ڏنو آهي، تنهن بابت ٻئي ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي.‘ سو پنهنجي ماڻهن کي مون ڪنهن ٻئي هنڌ ترسايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ