Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 17:17 - Muslim Sindhi Bible

17 ابي‌ياتر جو پٽ يونتن ۽ صدوق جو پٽ اخيمعض، ٻئي يروشلم جي ٻاهران عين‌راجل چشمي وٽ رهيا پيا هوندا هئا، انهيءَ لاءِ تہ جيئن ڪو کين شهر ۾ ايندو نہ ڏسي. هڪڙي نوڪرياڻي وڃي انهن کي خبرچار ڏيندي هئي ۽ هو وڃي اها دائود بادشاهہ کي ٻڌائيندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 هاڻي يونتن ۽ اخيمعض عين راجل جي ويجهو رهيا پيا هئا؛ ۽ هڪڙي نوڪرياڻي وڃي انهن کي خبرچار ڏيندي هئي؛ ۽ اهي وڃي اها بادشاهہ کي ٻڌائيندا هئا: انهيءَ لاءِ تہ ڪو هنن کي شهر ۾ ايندو نہ ڏسي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 17:17
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ صدوق ڪاهن کي اهو بہ چيو تہ ”تون سٺو سمجھدار آهين، سو تون پنهنجي پٽ اخيمعض ۽ ابي‌ياتر پنهنجي پٽ يونتن سان گڏ، يعني اوهين ٻيئي پنهنجن پٽن سميت سلامتيءَ سان شهر ڏانهن موٽي وڃو.


اتي صدوق ۽ ابي‌ياتر ٻئي ڪاهن تو سان گڏ هوندا. تنهنڪري جيڪا بہ ڳالهہ تون بادشاهہ جي محلات مان ٻڌين، سا صدوق ۽ ابي‌ياتر ڪاهنن کي ٻڌائي ڇڏجانءِ.


اتي هنن سان سندن ٻہ پٽ بہ گڏ آهن، هڪڙو اخيمعض ولد صدوق ۽ ٻيو يونتن ولد ابي‌ياتر. سو جيڪا بہ ڳالهہ اوهين ٻڌو، سا انهن جي هٿان مون ڏانهن چوائي موڪلجو.“


اڃا هن ايترو مس ڳالهايو تہ ابي‌ياتر ڪاهن جو پٽ يونتن اچي نڪتو. ادونياہ کيس چيو تہ ”اچ، هلي اچ، تون لائق ماڻهو آهين سو خبر بہ ڪا چڱي آندي هوندءِ.“


ادونياہ عين‌راجل جي چشمي جي ڀرسان زحلت پٿر وٽ رڍون، ڏاند ۽ متارا وهڙا قربان ڪيا. هن بادشاهہ جي ٻين پٽن يعني پنهنجي ڀائرن ۽ بني يهوداہ جي انهن سڀني ماڻهو جي دعوت ڪئي جيڪي بادشاهہ جا عملدار هئا.


پوءِ اها سرحد عڪور جي ماٿريءَ مان ٿيندي دبير تائين ويئي، جتان وري اتر طرف جِلجال ڏانهن ڦري جيڪو ادميم جي چاڙهيءَ جي سامهون واري برساتي نهر جي ڏکڻ پاسي آهي. پوءِ اتان لنگھي عين‌شمس جي چشمن وٽان ٿيندي عين‌راجل تائين وڃي پهتي.


اها سرحد اتان لهي انهيءَ جبل جي تري تائين آئي جيڪو هنوم ماٿريءَ جي سامهون ۽ رفائين جي ماٿريءَ جي اترئين پاسي ۾ آهي. پوءِ اُتان لهي هنوم جي ماٿريءَ وچان ويئي جا ڏکڻ طرف واري يبوسين جي شهر جي لاهيءَ وٽ آهي ۽ اتان وري لهي عين‌راجل چشمي ڏانهن ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ