2.سموئيل 17:14 - Muslim Sindhi Bible14 تنهن تي ابيسلوم ۽ جيڪي بني اسرائيل وارا ساڻس گڏ هئا، تن چيو تہ ”حوسي ارڪيءَ جي صلاح اخيتفل جي صلاح کان بهتر آهي.“ هي انهيءَ ڪري ٿيو جو خداوند اهو ارادو ڪري ڇڏيو هو تہ اخيتفل جي چڱي صلاح بہ اجائي ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ هو ابيسلوم تي آفت نازل ڪري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 تڏهن ابي سلوم ۽ اسرائيل جي سڀني ماڻهن چيو تہ حوسي ارڪي جي صلاح اخيتفل جي صلاح کان بهتر آهي. ڇالاءِ جو خداوند اهو ارادو ڪيو هو تہ اخيتفل جي چڱي صلاح بہ اجائي ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ هو ابي سلوم تي خرابي آڻي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيئن تہ اڃا هو بادشاهہ سان ڳالهائي رهيو هو تہ بادشاهہ وچ ۾ چيس تہ ”ڇا مون تو کي پنهنجو صلاحڪار بڻايو آهي؟ هاڻي بس ڪر تہ مارائي نہ ڇڏيانءِ.“ تڏهن نبيءَ کڻي بس ڪئي، پر ويندي ويندي بادشاهہ کي ائين چيائين تہ ”هاڻي مون کي معلوم ٿي ويو تہ خدا تو کي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو اهڙو ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح بہ ٻڌڻ نہ ٿو چاهين.“