Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 17:11 - Muslim Sindhi Bible

11 تنهنڪري منهنجي صلاح اها آهي تہ دان کان وٺي بيرسبع تائين سمورا بني اسرائيل، جيڪي سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيان بي‌شمار آهن، تن کي گڏ ڪريو ۽ اوهين پاڻ هلي جنگ ۾ انهن جي اڳواڻي ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 پر منهنجي صلاح آهي تہ سڀ اسرائيلي دان کان وٺي بيرسبع تائين، جي سمنڊ جي واريءَ جيترا بيشمار آهن، تن کي گڏ ڪر: ۽ تون پاڻ پنهنجي سر وڃي جنگ ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 17:11
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي ايترو تہ اولاد ڏيندس جو واريءَ جي ذرڙن وانگر ڪوبہ انهن کي ڳڻي نہ سگھندو.


ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ابراهيم هاجرہ جي ڪلهي تي ماني ۽ پاڻيءَ سان ڀريل هڪ مشڪ رکي کيس ٻار سميت روانو ڪري ڇڏيو. هوءَ اتان هلي ويئي ۽ بيرسبع جي رڻ‌پٽ ۾ رلندي رهي.


سو آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ آءٌ تو کي ايترو تہ گھڻو اولاد ڏيندس جيترا آسمان ۾ تارا آهن، يا جيترا سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جا ذرڙا آهن. تنهنجو اولاد پنهنجي دشمنن تي فتح حاصل ڪندو.


تنهنڪري هاڻي باقي رهيل ماڻهو گڏ ڪري انهيءَ شهر جي سامهون اچي منزل ڪريو ۽ انهيءَ کي پاڻ قبضي ۾ ڪري وٺو. ٻي صورت ۾ جيڪڏهن مون انهيءَ تي قبضو ڪيو تہ اهو منهنجي نالي سان سڏبو.“


تڏهن دائود بادشاهہ پنهنجي لشڪر جي سپهہ‌سالار يوآب کي، جيڪو ساڻس گڏ هو چيو تہ ”تون اتر واري دان شهر کان وٺي ڏکڻ واري بيرسبع شهر تائين سڄي ملڪ ۾ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن وٽ وڃ ۽ جوان مردن جو شمار ڪر تہ مون کي خبر پوي تہ جنگ جي لائق ڪل ڪيترا آهن.“


پوءِ بن‌هدد وري ٻيو پيغام اخي‌اب ڏانهن موڪليو تہ ”آءٌ تنهنجي شهر سامريہ کي تباهہ ڪرڻ لاءِ ايترا تہ ماڻهو وٺي ايندس جو هو جيڪڏهن سامريہ شهر جي مٽيءَ مان هڪ هڪ مٺ بہ کڻندا تہ مٽي کپي ويندي. جيڪڏهن آءٌ ائين نہ ڪريان تہ ڀل تہ منهنجا ديوتا مون کي ماري ڇڏين.“


بني اسرائيل قوم جا ماڻهو ايترا تہ گھڻا هئا جيترا سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جا ذرڙا. هو کائيندا، پيئندا ۽ مزا ماڻيندا وتندا هئا.


اهي سڀيئي پنهنجيون پنهنجيون فوجون وٺي نڪتا. انهن فوجين جو تعداد ايترو تہ گھڻو هو جيئن سمنڊ جي ڪناري تي پيل واريءَ جا ذرا. انهن ساڻ گھڻا ئي گھوڙا ۽ جنگي گاڏيون بہ هيون.


تڏهن سمورا بني اسرائيل اوڀر ۾ جِلعاد علائقي کان ۽ اتر ۾ دان شهر کان وٺي ڏکڻ ۾ بيرسبع شهر تائين هڪ دل ٿي ٻاهر نڪتا. هو مصفاہ شهر ۾ خداوند جي حضور ۾ اچي گڏ ٿيا.


فلستي بہ بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. انهن ۾ ٽيهہ هزار جنگي گاڏيون، ڇهہ هزار گھوڙي سوار ۽ ايترا تہ بي‌شمار ماڻهو هئا جيترا سمنڊ جي ڪناري تي واريءَ جا ذرڙا. انهن بيت‌آون جي اوڀر طرف مڪماس وٽ اچي پنهنجا خيما کوڙيا.


تنهنڪري سڄي بني اسرائيل کي، دان کان وٺي بيرسبع تائين خبر پئجي ويئي تہ سموئيل خداوند جو نبي مقرر ٿيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ