2.سموئيل 16:9 - Muslim Sindhi Bible9 تڏهن دائود بادشاهہ جي ڀيڻ ضروياہ جي پٽ ابيشيءَ بادشاهہ کي چيو تہ ”هي ڪتو منهنجي آقا بادشاهہ تي ڇو ٿو ڀونڪي؟ مهرباني ڪري مون کي اجازت ڏيو تہ آءٌ وڃي ڪري سندس سسي لاهيان.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible9 تڏهن ابيشيءَ بن ضروياہ بادشاهہ کي چيو تہ هي مُئل ڪتو ڇو ٿو منهنجي ڌڻي بادشاهہ تي لعنت وجهي؟ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ وڃي هن جي سسي لاهيان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ابنير اشبوست جي انهيءَ ڳالهہ تي ڏاڍو اچي ڪاوڙيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”آءٌ ڪو يهوداہ جي بادشاهہ دائود جو وفادار ڪتو آهيان ڇا؟ اڄ تائين آءٌ تنهنجي پيءُ سائول جي گھراڻي، سندس مٽن مائٽن ۽ دوستن سان وفاداريءَ سان پيش ايندو رهيو آهيان. مون تو کي پڪڙي دائود جي حوالي ڪين ڪيو آهي، تنهن هوندي بہ اڄ تون مون تي هن عورت جي بنسبت بدڪاريءَ جو الزام ٿو لڳائين!