Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 16:21 - Muslim Sindhi Bible

21 اخيتفل ابي‌سلوم کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي پيءُ جي سريتن سان وڃي هم‌بستر ٿيو، جن کي هو محلات جي سنڀال لاءِ ڇڏي ويو آهي. اهڙيءَ طرح اوهان جي پيءُ کي اوهان کان نفرت ٿيندي ۽ پوءِ جڏهن بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو اها ڳالهہ ٻڌندا تڏهن جيڪي ماڻهو اوهان سان آهن تن جي همت وڌي ويندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ اخيتفل ابي سلوم کي چيو تہ تون پنهنجي پيءُ جي سريتن وٽ وڃ، جي هن گهر جي سنڀال لاءِ ڇڏيون آهن؛ ۽ سڀ اسرائيلي ٻڌندا تہ تنهنجي پيءُ کي توکان نفرت آهي: تڏهن جيڪي ماڻهو توسان آهن تن جا هٿ مضبوط ٿيندا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 16:21
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يعقوب شمعون ۽ لاويءَ کي چيو تہ ”اوهان مون کي ڏک ڏنو آهي ۽ هن علائقي جي رهاڪن ڪنعانين ۽ فرزين ۾ مون کي نفرت جوڳو ڪيو اٿوَ. اسين تعداد ۾ ٿورا آهيون، سو جيڪڏهن هنن سڀني پاڻ ۾ گڏ ٿي مون تي ڪاهہ ڪئي تہ مون کي ماري وجھندا. آءٌ ۽ منهنجو سمورو گھر ٻار برباد ٿي ويندو.“


جڏهن يعقوب انهيءَ علائقي ۾ رهيو پيو هو تڏهن هڪ ڏينهن روبن پنهنجي پيءُ يعقوب جي سريت بلهاہ سان وڃي ستو ۽ يعقوب کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي.


جيئن تہ يهوداہ کي اها خبر ڪانہ هئي تہ اها ڪا سندس نُنهن آهي، سو هو واٽ تان ڦري وٽس ويو ۽ چيائينس تہ ”اچ مون سان گھڙي پلڪ گذار.“ تمر چيس تہ ”تون مون کي ڇا ڏيندين؟“


تن ڏينهن ۾ ۽ پوءِ بہ، زمين تي راڪاس هئا، جيڪي آسماني مخلوق ۽ انهن عورتن جو اولاد هئا. اهي ئي پراڻي زماني جا نالي وارا پهلوان هئا.


جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود سان سندن دشمني ٿي پيئي آهي، تڏهن هنن ماڻهو موڪلي بيت‌رحوب جي ارامين ۽ ضوباہ جي ارامين مان ويهہ هزار پيادن کي، معڪہ جي بادشاهہ کي هڪ هزار سپاهين سميت ۽ طوب جي ٻارهن هزار ماڻهن کي، ڪرائي تي گھرائي ورتو.


آءٌ تنهنجي ئي گھراڻي مان تنهنجي خلاف بڇڙائي اٿاريندس ۽ تنهنجي اکين آڏو تنهنجيون زالون تنهنجي ڪنهن ويجھي ماڻهوءَ جي حوالي ڪندس. اهو ماڻهو ڏينهن ڏٺي جو تنهنجي زالن سان سمهندو.


يوندب کيس چيو تہ ”تون بيماريءَ جو بهانو ڪري وڃي پنهنجي هنڌ تي سمهي رهہ. جڏهن تنهنجو پيءُ تو کي ڏسڻ اچي تڏهن چئجانس تہ ’ڀلائي ڪري منهنجي ڀيڻ تمر کي مون ڏانهن موڪلي ڏيو، تہ اچي مون کي ماني کارائي. هوءَ منهنجي سامهون کاڌو تيار ڪري تہ آءٌ ڏسان ۽ پوءِ سندس هٿان کاوان.‘“


پوءِ بادشاهہ نڪتو ۽ سندس سڄو گھراڻو سندس پٺيان لڳو. بادشاهہ محلات جي سنڀال لاءِ پنهنجيون ڏهہ سريتون پوئتي ڇڏيون.


پوءِ ابي‌سلوم اخيتفل کي چيو تہ ”تون صلاح ڏي تہ اسين ڇا ڪريون؟“


تڏهن حوسيءَ ابي‌سلوم کي چيو تہ ”هن ڀيري اخيتفل جيڪا صلاح ڏني آهي سا چڱي نہ آهي.“


سو هاڻي اوهين مضبوط ۽ همت وارا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو آقا سائول مري ويو آهي ۽ يهوداہ جي قبيلي مون کي مسح ڪري پنهنجي مٿان بادشاهہ بڻايو آهي.“


دائود جڏهن يروشلم ۾ پنهنجي محلات ۾ آيو، تڏهن هن پنهنجي انهن ڏهن سريتن، جن کي هو محلات جي سنڀال لاءِ ڇڏي ويو هو، تن کي هڪڙي گھر ۾ کڻي بند ڪيو. هن انهن جي کاڌي خوراڪ جو انتظام ڪري ڇڏيو، پر ساڻن هم‌بستر نہ ٿيو. اهڙيءَ طرح اهي مرڻ گھڙيءَ تائين بند رهيون ۽ رنن‌زالن جهڙي زندگي گذارينديون رهيون.


جيستائين سليمان جيئرو رهيو تيستائين هدد جي دشمنيءَ کان وڌيڪ رزون پڻ بني اسرائيل جو دشمن رهيو. رزون ارام ۾ حڪومت ڪندو هو ۽ کيس بني اسرائيل کان نفرت هئي.


تڏهن ادونياہ چيس تہ ”جيئن تہ سليمان بادشاهہ تو کان انڪار نہ ڪندو، سو مهرباني ڪري کيس چئُہ تہ هو شونيم ڳوٺ واري ڇوڪري اِبي‌شاگ مون کي پرڻائي ڏئي.“


بادشاهہ سليمان ڪاوڙ وچان پنهنجي ماءُ کي جواب ڏنو تہ ”تون ادونياہ لاءِ رڳو شونيم ڳوٺ واري اِبي‌شاگ ڇو ٿي گھرين؟ تون تہ هن لاءِ بادشاهي بہ گھر، آخر هو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي، بلڪ ابي‌ياتر ڪاهن ۽ منهنجي پيءُ جي ڀيڻ ضروياہ جي پٽ يوآب لاءِ بہ ڪجھہ نہ ڪجھہ گھر.“


اوهان پنهنجي پيءُ جي ٻين زالن جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان اوهين پنهنجي پيءُ جي بي‌عزتي ڪندا.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پيءُ جي ڪنهن بہ زال جي اوگھڙ ڏسي پنهنجي پيءُ جي عزت لُٽي ٿو، تہ کيس انهيءَ عورت سميت ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. انهن جو خون سندن ئي سر تي هوندو.


اي يهوداہ توڙي اسرائيل وارؤ! جهڙيءَ طرح اوهين ٻين قومن جي نظر ۾ لعنتي بڻيا آهيو، تهڙيءَ طرح هاڻي آءٌ اوهان کي اهڙي خوشحالي عطا ڪندس جو اوهين برڪت جو باعث بڻبا. سو اوهين دلجاءِ ڪريو ۽ همت نہ هاريو.


مون تہ ايتري قدر بہ ٻڌو آهي تہ اوهان ۾ زناڪاري ٿي رهي آهي ۽ زناڪاري بہ اهڙي جيڪا غير قومن ۾ بہ ڪانهي، بلڪ اوهان مان تہ هڪڙو پنهنجي ماٽيلي ماءُ پاڻ وٽ ويهاريو ويٺو آهي.


سو جڏهن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي اها خبر پيئي تہ سائول فلستين جي پهريدارن کي مارائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي فلستين کي بني اسرائيل کان نفرت ٿي ويئي آهي، تڏهن ماڻهو جنگ لاءِ سائول وٽ جِلجال ۾ اچي گڏ ٿيا.


پر اڪيس مٿس ڀروسو ڪندو هو ۽ دل ۾ سوچيندو هو تہ ”هن پنهنجو پاڻ کي پنهنجيءَ قوم بني اسرائيل ۾ بلڪل نفرت جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري هو هميشہ جي لاءِ منهنجو ٻانهو ٿي رهندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ