اخيتفل ابيسلوم کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي پيءُ جي سريتن سان وڃي همبستر ٿيو، جن کي هو محلات جي سنڀال لاءِ ڇڏي ويو آهي. اهڙيءَ طرح اوهان جي پيءُ کي اوهان کان نفرت ٿيندي ۽ پوءِ جڏهن بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو اها ڳالهہ ٻڌندا تڏهن جيڪي ماڻهو اوهان سان آهن تن جي همت وڌي ويندي.“