Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 16:19 - Muslim Sindhi Bible

19 ڀلا پنهنجي آقا جي پٽ کان سواءِ آءٌ ٻيو ڪنهن جي خدمت ڪريان؟ جيئن مون اوهان جي پيءُ جي اڳيان خدمت پئي ڪئي آهي، تيئن آءٌ اوهان جي اڳيان بہ ڪندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ وري آءٌ ڪنهن جي خدمت ڪريان؟ آءٌ هن جي پٽ جي اڳيان خدمت نہ ڪريان ڇا؟ جيئن مون تنهنجي پيءُ جي اڳيان خدمت پي ڪئي آهي، تيئن آءٌ تنهنجي اڳيان بہ ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 16:19
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪڏهن تون موٽي شهر ڏانهن ويندين ۽ وڃي ابي‌سلوم کي چوندين تہ ’اي بادشاهہ! آءٌ اوهان جو ٻانهو آهيان، گذريل وقت ۾ جيئن آءٌ اوهان جي پيءُ جو ٻانهو ٿي رهيو آهيان، تيئن هاڻي آءٌ اوهان جو ٻانهو ٿي رهندس،‘ تڏهن تون اخيتفل جي صلاح مصلحت کي رد ڪري منهنجي مدد ڪري سگھندين.


حوسيءَ ابي‌سلوم کي وراڻيو تہ ”ائين ناهي، بلڪ جنهن کي خداوند، هنن ماڻهن بلڪ سڄي بني اسرائيل چونڊيو آهي، آءٌ انهيءَ جو ئي هوندس ۽ انهيءَ سان ئي گڏ رهندس.


پوءِ ابي‌سلوم اخيتفل کي چيو تہ ”تون صلاح ڏي تہ اسين ڇا ڪريون؟“


سندس ڳالهيون مکڻ وانگر ملائم هيون، پر سندس دل ۾ جنگ هئي. هن جون ڳالهيون تيل کان بہ سڻڀيون هيون، پر اگھاڙي تلوار وانگر هيون.


اتي وارا سڀ يهودي، جيڪي مسيح جا ٿيا هئا سي بہ اهڙي رياڪاريءَ ۾ پطرس جو ساٿ ڏيڻ لڳا، ايتري قدر جو خود برنباس بہ انهن جي رياڪاريءَ ۾ ڦاسي پيو.


دائود ورندي ڏيئي چيس تہ ”ضرور، هاڻي اوهان کي معلوم ٿيندو تہ اوهان جو ٻانهو اوهان لاءِ ڇا ٿو ڪري سگھي.“ تنهن تي اڪيس دائود کي چيو تہ ”پوءِ تہ آءٌ تو کي هميشہ جي لاءِ پنهنجي جان جو محافظ مقرر ڪندس.“


تڏهن دائود اڪيس کي چيو تہ ”مون ڇا ڪيو آهي؟ جيترو وقت آءٌ توهان وٽ رهيو آهيان، اوتري وقت ۾ اڄ ڏينهن تائين توهان پنهنجي هن ٻانهي ۾ ڇا ڏٺو آهي جو آءٌ پنهنجي آقا، توهان بادشاهہ جي دشمنن سان جنگ ڪرڻ نہ وڃان؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ