Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 16:14 - Muslim Sindhi Bible

14 بادشاهہ ۽ سڀ ماڻهو جيڪي ساڻس گڏ آيا هئا، سي بيحد ٿڪجي پيا هئا. سو اردن درياءَ وٽ پهچي آرام ڪري هو تازا توانا ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ بادشاهہ ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي ٿڪجي ٽٽجي آيا؛ ۽ هن اُتي آرام وٺي پاڻ تازو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 16:14
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ دائود پنهنجي ماڻهن سميت پنهنجي واٽ وٺي هلندو رهيو ۽ شمعي سندس سامهون ٽڪر جي ڪناري سان هلندي هن تي لعنتون وجھندو، کيس پٿر هڻندو ۽ مٿس مٽي اڇلائيندو هلندو ٿي رهيو.


هوڏانهن ابي‌سلوم ۽ جيڪي بني اسرائيل وارا ساڻس گڏ هئا، سي سڀ يروشلم ۾ آيا. اخيتفل بہ ساڻن گڏ هو.


جڏهن دائود بادشاهہ بحوريم شهر ۾ پهتو، تڏهن سائول جي گھراڻي جي ماڻهن مان هڪڙو شخص نڪري آيو جنهن جو نالو شمعي ولد جيرا هو. هو لعنتون وجھندو ٿي آيو.


هو اڃا ٿڪل ۽ بي‌همت ئي هوندو تہ آءٌ وڃي مٿان ڪڙڪندوسانس ۽ ٿرٿلو وجھي ڇڏيندوسانس. پوءِ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ آهن سي سڀ ڀڄي ويندا، تڏهن آءٌ رڳو بادشاهہ کي ماري ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ