2.سموئيل 16:11 - Muslim Sindhi Bible11 پوءِ دائود ابيشيءَ ۽ پنهنجي سڀني عملدارن کي چيو تہ ”ڏسو، منهنجو پنهنجو پٽ جيڪو منهنجو ئي تخم آهي، سو ئي مون کي مارڻ جي ڪوشش ۾ آهي، تڏهن پوءِ هي بنياميني انهيءَ کان وڌيڪ ڇا نہ ٿو ڪري سگھي؟ ڇڏي ڏيوس، تہ ڀلي پيو لعنت وجھي، ڇاڪاڻ تہ خداوند هن کي حڪم ڏنو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible11 ۽ دائود ابيشيءَ کي ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن کي چيو تہ ڏس، منهنجو پٽ جو منهنجن آنڊن مان نڪتو آهي، سو منهنجي مارڻ جي پٺيان آهي: تڏهن هاڻي هي بنيميني ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪري ٿو سگهي؟ ڇڏي ڏيوس تہ ڀلي پيو لعنت وجهي؛ ڇالاءِ جو خداوند هن کي حڪم ڏنو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
سو اي منهنجا آقا بادشاهہ! هاڻي پنهنجي هن ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن توهان کي خداوند منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي تہ پوءِ منهنجي ڏوهہ کي معاف ڪرڻ لاءِ شل هو نذرانو قبول ڪري. پر جيڪڏهن اهو ڪن انسانن جو ڪم آهي تہ شل اهي خداوند جي آڏو لعنتي ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم ۾ منهنجو ڪو حصو نہ رهي ۽ مون کي چون ٿا تہ ’وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪر.‘