Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 15:25 - Muslim Sindhi Bible

25 تڏهن بادشاهہ صدوق کي چيو تہ ”خدا جي عهد واري صندوق شهر ڏانهن موٽائي کڻي وڃ. جيڪڏهن خداوند جي مهربانيءَ جي نظر مون تي هوندي تہ هو مون کي موٽائي وري آڻيندو ۽ اها صندوق ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ ٻيئي مون کي ڏيکاريندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 تڏهن بادشاهہ صدوق کي چيو تہ خدا جي صندوق موٽائي شهر ۾ کڻي وڃ: جيڪڏهن آءٌ خداوند جي نظر ۾ مان لهندس تہ هو مون کي وري آڻيندو، ۽ اُها ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ، ٻئي مون کي ڏيکاريندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 15:25
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند جي عهد واري صندوق کي اندر آڻي انهيءَ خيمي جي وچ ۾ سندس جاءِ تي رکيو ويو، جيڪو دائود انهيءَ جي لاءِ ئي کوڙيو هو. دائود خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيون.


تڏهن بادشاهہ ناتن نبيءَ کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ ديال جي ڪاٺين مان جُڙيل محل ۾ رهان ٿو، پر خدا جي عهد واري صندوق تنبوءَ هيٺ رهي ٿي.“


ان وقت آءٌ خوش ٿيو هئس جڏهن مون کي چيو ويو هو تہ ”اچ تہ اسين خداوند جي گھر هلون.“


اي يروشلم! آءٌ تو لاءِ ائين خير پيو گھرندو رهندس، ڇاڪاڻ تہ خداوند اسان جي خدا جو گھر تو منجھہ آهي.


اي خداوند! جتي تون رهين ٿو، هائو، جنهن جاءِ ۾ تنهنجو جلوو ٿو چمڪي، تنهن سان آءٌ پيار ڪريان ٿو.


يقيناً تنهنجي بارگاهہ ۾ هڪڙو ڏينهن ٻئي هنڌ جي هزار ڏينهن کان بهتر آهي. بدڪارن جي شاندار خيمن ۾ رهڻ کان، تو خدا جي گھر جو دربان ٿيڻ مون کي وڌيڪ پسند آهي.


جن کي تو ڇڏايو هو تن جي تو دائمي ٻاجھہ سان رهبري ڪئي، تو پنهنجي طاقت سان کين پنهنجي مقدس جاءِ اندر پهچايو.


موسيٰ خداوند کي چيو تہ ”بيشڪ تو مون کي چيو آهي تہ ’هنن ماڻهن کي وٺي هل.‘ پر تو مون کي اهو ڪونہ ٻڌايو آهي تہ مون سان گڏ ڪنهن کي موڪليندين، جيتوڻيڪ تو ائين بہ فرمايو آهي تہ ’آءٌ تو کي نالي سان سڃاڻان ٿو‘ ۽ ’منهنجي مهربانيءَ جي نظر تو تي آهي.‘


سو منهنجو عرض آهي تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ هاڻي مون کي پنهنجي راهہ ڏيکار، تہ جيئن آءٌ تنهنجي خدمت ڪندو رهان ۽ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي هميشہ رهي. اهو خيال پڻ رک تہ هيءَ قوم تنهنجي ئي آهي.“


تڏهن حزقياہ يسعياہ کان پڇيو تہ ”مون لاءِ ڪهڙي نشاني آهي تہ آءٌ اُٿي وري هيڪل ۾ عبادت لاءِ وڃي سگھندس؟“


پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”تون انهن سڀني جي خلاف هنن ڳالهين جي پيشن‌گوئي ڪر ۽ کين چئُہ تہ ’خداوند آسمان مان گجندو، هو پنهنجي پاڪ مڪان مان پنهنجو آواز بلند ڪندو. هائو، هو نہ رڳو پنهنجي قوم جي خلاف وڏي زور سان گجندو، بلڪ ڌرتيءَ جي سڀني رهاڪن تي اهڙي هڪل ڪندو، جهڙي انگورن لتاڙڻ وارا جوش وچان ڪندا آهن.


باقي اوهين پنهنجي حفاظت جو يقين ڪندي ائين چئي پاڻ کي نہ ٺڳيو تہ ’هيءَ خداوند جي هيڪل آهي، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ