Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 15:24 - Muslim Sindhi Bible

24 صدوق ڪاهن ۽ ابي‌ياتر بہ انهن سڀني لاوين سان گڏ آيا، جيڪي خدا جي عهد واري صندوق کڻي هليا هئا. هنن خدا جي عهد واري صندوق تيستائين اتي رکي ڇڏي، جيستائين سڀ ماڻهو شهر مان نڪري پار نہ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ ڏس، صدوق بہ آيو، ۽ ساڻس سڀ لاوي خدا جي عهدنامي جي صندوق کڻي هليا؛ ۽ هنن خدا جي صندوق کڻي رکي، ۽ ابياتر مٿي چڙهي ويو، جيسين ڪ سڀ ماڻهو شهر مان نڪري ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 15:24
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ صدوق ڪاهن کي اهو بہ چيو تہ ”تون سٺو سمجھدار آهين، سو تون پنهنجي پٽ اخيمعض ۽ ابي‌ياتر پنهنجي پٽ يونتن سان گڏ، يعني اوهين ٻيئي پنهنجن پٽن سميت سلامتيءَ سان شهر ڏانهن موٽي وڃو.


اتي صدوق ۽ ابي‌ياتر ٻئي ڪاهن تو سان گڏ هوندا. تنهنڪري جيڪا بہ ڳالهہ تون بادشاهہ جي محلات مان ٻڌين، سا صدوق ۽ ابي‌ياتر ڪاهنن کي ٻڌائي ڇڏجانءِ.


سوا شاهي محرر هو ۽ صدوق ۽ ابي‌ياتر ڪاهن هئا.


هيئن ٿيو جو جڏهن خداوند جي عهد واري صندوق کڻي هلڻ وارا اڃا ڇهہ قدم هليا تہ دائود هڪڙو ڏاند ۽ هڪڙو ٿلهو متارو گابو قربان ڪيو.


صدوق ولد اخيطوب ۽ اخيملڪ ولد ابي‌ياتر ڪاهن هئا ۽ شراياہ شاهي محرر هو.


پر صدوق ڪاهن، بناياہ ولد يهويدع، ناتن نبي، شمعي، ريعي ۽ دائود جي محافظن ادونياہ جو ساٿ نہ ڏنو.


پوءِ بادشاهہ سليمان ابي‌ياتر ڪاهن کي چيو تہ ”تون عنتوت ڏانهن وڃي پنهنجين ٻنين ۾ رهہ. تون واجب‌القتل آهين، پر في‌الحال آءٌ تو کي نہ مارائيندس ڇاڪاڻ تہ تون منهنجي پيءُ دائود جي اڳيان خداوند جي صندوق کڻي هلندو هئين ۽ منهنجي پيءُ تي پيل سڀني مشڪلاتن ۾ تون برابر جو شريڪ هوندو هئين.“


سليمان بادشاهہ يهويدع جي پٽ بناياہ کي يوآب جي جاءِ تي لشڪر جو سپهہ‌سالار مقرر ڪيو ۽ ابي‌ياتر جي جاءِ تي صدوق ڪاهن کي رکيائين.


پوءِ دائود چيو تہ ”لاوين کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا جي عهد واري صندوق نہ کڻي اچي، ڇاڪاڻ تہ اهي لاوي ئي آهن جن کي خداوند پنهنجي عهد واري صندوق کڻڻ ۽ هميشہ تائين انهيءَ جي خدمت ڪرڻ لاءِ چونڊيو هو.“


اهو وقف ٿيل حصو رڳو انهن مخصوص ٿيل ڪاهنن لاءِ هوندو، جيڪي صدوق جي نسل مان آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي سچائيءَ سان منهنجي خدمت ڪندا رهيا ۽ گمراهہ نہ ٿيا، جڏهن تہ لاوي ۽ ٻيا بني اسرائيل گمراهہ ٿي ويا هئا.


جڏهن هارون ۽ سندس پٽ مقدس خيمي جي سڄي سامان کي ڍڪي بس ڪن ۽ منزل کڻي هلڻ جو وقت اچي، تڏهن بني قهات اهو سامان کڻڻ لاءِ اچن. پر هو انهن پاڪ شين کي نہ ڇهن، تہ جيئن مري نہ پون. مون خدا سان ملاقات واري خيمي جون اهي شيون کڻي هلڻ جي ذميواري بني قهات جي ئي آهي.


پر موسيٰ بني قهات کي ڪابہ گاڏي يا ڪوبہ ڏاند ڪونہ ڏنو، ڇو تہ جيڪي مخصوص شيون سندن ذميواريءَ ۾ هيون سي کين ڪلهن تي کڻڻيون هيون.


۽ ماڻهن کي حڪم ڏنائون تہ ”جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عهد واري صندوق لاوي ڪاهنن کي کڻندي ڏسو تڏهن اوهين منزل کڻي انهيءَ جي پٺيان هلجو.


يشوع ڪاهنن کي چيو تہ ”عهد واري صندوق کڻو ۽ ماڻهن جي اڳيان اڳيان هلو.“ سو هنن اها صندوق کنئي ۽ ماڻهن جي اڳيان هلڻ لڳا.


ست ڪاهن صندوق جي اڳيان گھٽن جي سڱن جون ست نفيلون کڻي هلن. ستين ڏينهن تي اوهين شهر کي چوڌاري ست ڦيرا ڏجو ۽ ڪاهن نفيلون وڄائيندا هلن.


سو يشوع ڪاهنن کي سڏايو ۽ کين چيائين تہ ”عهد واري صندوق کڻو ۽ اوهان مان ست ڪاهن هڪ هڪ نفيل کڻي خداوند جي صندوق جي اڳيان هلن.“


مگر اخيملڪ ولد اخيطوب جو هڪڙو پٽ، جنهن جو نالو ابي‌ياتر هو سو بچي ويو ۽ ڀڄي دائود وٽ اچي نڪتو.


خدا جي عهد واري صندوق کسجي ويئي ۽ عيليءَ جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس مارجي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ