Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 15:23 - Muslim Sindhi Bible

23 جڏهن دائود جا پوئلڳ پار لنگھيا ٿي ويا، تڏهن سڄي ملڪ جا ماڻهو رڙيون ڪري پئي رنا. پوءِ بادشاهہ بہ قدرون جي برساتي نهر پار ڪئي ۽ ٻيا سڀ ماڻهو بہ پار لنگھي بيابان جو رستو ڏيئي هليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ ساري ملڪ رڙيون ڪري رُنو ۽ ساري قوم لنگهي هلي: بادشاهہ بہ قدرون جي نهر لنگهيو ۽ سڀ ماڻهو بہ لنگهي بيابان جو رستو ڏئي هليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 15:23
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن دائود اِتيءَ کي چيو تہ ”چڱو، هل پار لنگھي هل.“ پوءِ اِتِي جاتِي، سندس سڀ ساٿي ۽ جيڪي ٻار ٻچا ساڻن گڏ هئا، سي سڀيئي پار لنگھي ويا.


ڏس، جيستائين تنهنجي طرفان مون کي ڪو اطلاع نہ ملندو، تيستائين آءٌ بيابان ۾ درياءَ جي گھاٽن وٽ ترسيل هوندس.“


بادشاهہ ضيبا کان پڇيو تہ ”هي شيون ڇا جي لاءِ آهن؟“ ضيبا وراڻيو تہ ”گڏهہ بادشاهہ جي گھر جي ڀاتين جي سواريءَ لاءِ آهن، ماني ۽ تازا ميوا جوانن جي کائڻ لاءِ آهن ۽ مئي انهيءَ لاءِ آهي تہ جيڪي بيابان ۾ ٿڪجي پون سي پيئن.“


هن پنهنجي ڏاڏيءَ معڪہ کي سندس راڻي امان واري مرتبي تان هٽائي ڇڏيو، ڇو تہ هن يسيرہ ديويءَ جي ڪراهت جهڙي مورتي ٺهرائي هئي. آسا اها مورتي ڀڃي ڪيرائي ۽ قدرون جي برساتي نهر ۾ ساڙي ڇڏيائين.


جنهن ڏينهن تون شهر کان ٻئي پاسي ويندين ۽ قدرون جي برساتي نهر پار ڪندين، تہ پڪ ڄاڻ تہ انهيءَ ڏينهن ضرور ماريو ويندين ۽ تنهنجو خون تنهنجي ئي سر تي پوندو.“


ڪاهن خداوند جي هيڪل کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ان ۾ اندر ويا. هر گندي شيءِ جيڪا خداوند جي گھر ۾ لڌائون سا هنن ڪڍي آڻي اڱڻ ۾ رکي. لاوي ان گندگيءَ کي شهر کان ٻاهر قدرون جي برساتي نهر ڏانهن کڻي ويا.


اها سڄي ماٿري جتي لاش ۽ رک اڇلائي ويندي آهي ۽ اوڀر طرف سڀ پوٺا قدرون جي برساتي نهر تائين، ويندي اوڀر طرف گھوڙي واري دروازي جي ڪنڊ تائين، مون خداوند جي نالي مخصوص ٿيندي. اهو شهر وري ڪڏهن بہ پاڙان نہ پٽبو، نہ وري ڪڏهن ڊاٿو ويندو.“


ڪجھہ سالن کان پوءِ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو يهوديہ جي رڻ‌پٽ ۾ منادي ڪندو پئي وتيو تہ


يحيٰ اهو ئي هو جنهن لاءِ يسعياہ نبيءَ جي معرفت چيو ويو هو تہ ”رڻ‌پٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو، هن لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“


اهو ٻار يحيٰ جسماني توڙي روحاني طور وڌندو ويو ۽ تيستائين بيابان ۾ رهيو جيستائين بني اسرائيل قوم تي پاڻ کي کُليءَ طرح ظاهر نہ ڪيائين.


جڏهن عيسيٰ اها دعا گھري چڪو، تڏهن هو پنهنجي شاگردن سان گڏ نڪري يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر مان پار لنگھي هڪڙي باغ ۾ داخل ٿيو.


خوشي ڪرڻ وارن سان گڏجي خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ