Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 15:20 - Muslim Sindhi Bible

20 اڃا ڪالهہ ئي تہ تون اسان وٽ آيو آهين، پوءِ اڄ تو کي آءٌ پاڻ سان هيڏي هوڏي ڇو رلائيندو وتان؟ آءٌ تہ جيڏانهن وڃي سگھندس اوڏانهن هليو ويندس. سو تون موٽي وڃ ۽ پنهنجي ساٿين کي بہ موٽائي وٺيو وڃ. شل خداوند جي رحمت ۽ سچائي تو ساڻ هجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 جنهن صورت ۾ تون اڃا ڪالهہ ئي آيو آهين تڏهن اڄ توکي آءٌ پاڻ سان هيڏي هوڏي ڇو رُلايان؟ ڇالاءِ جو آءٌ جيڏي وڃي سگهندس اوڏي ويندس: تون موٽي وڃ، ۽ پنهنجي ڀائرن کي بہ موٽائي وٺيو وڃ؛ شل رحم ۽ سچ توسان هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 15:20
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن يبيس جي ماڻهن ڏانهن قاصد موڪليا. کين چوائي موڪليائين تہ ”خداوند شل اوهان کي برڪت وارو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اوهان پنهنجي آقا سائول تي اها مهرباني ڪئي جو کيس دفن ڪيو اٿوَ.


هاڻي شل خداوند اوهان کي مهربانيءَ ۽ وفاداريءَ جو اجر ڏئي. انهيءَ ڪم ڪرڻ ڪري اوهان کي آءٌ بہ انهيءَ نيڪيءَ جو عيوض ڏيندس.


اي خداوند! جيڪي تنهنجي عهد تي، ۽ تنهنجي قاعدن قانونن تي عمل ٿا ڪن، تن جي تون وفا ۽ دائمي شفقت سان رهنمائي ٿو ڪرين.


تون منهنجي ڏکن کي ڄاڻين ٿو. منهنجا لڙڪ تنهنجي سانداريءَ ۾ جمع ٿيل آهن. ڇا منهنجا اهي لڙڪ تنهنجي دفتر ۾ داخل ڪين آهن؟


هو عرش تان ورندي ڏئي مون کي بچائي وٺندو، ۽ انهن کي ملامت ڪندو جيڪي مون کي ايذائين ٿا. خدا پنهنجي وفا ۽ دائمي شفقت ضرور ڏيکاريندو.


اهي انهن ڪتن جيان آهن، جيڪي کاڌي جي ڳولا ۾ هيڏي هوڏي ڀٽڪندا وتندا آهن. جيڪڏهن انهن جو ڍءُ نہ ٿيندو آهي، تہ پوءِ روڙون ڪندا وتندا آهن.


شال هو تنهنجي حفاظت ۾ سدائين تخت‌نشين رهي! تون پنهنجي دائمي شفقت ۽ وفا سان انهيءَ جي حفاظت ڪر.


آءٌ هميشہ تنهنجي نالي جي واکاڻ پيو ڳائيندس، ۽ روزانو پيو پنهنجيون باسون پوريون ڪندس.


هاڻ دائمي شفقت ۽ وفاداري ٻيئي اچي گڏبيون. هاڻ سچائي ۽ سلامتي ٻيئي ڀاڪر پائي ملنديون.


تنهنجو تخت عدل ۽ سچائيءَ جي بنياد تي بيٺل آهي، دائمي شفقت ۽ وفا تنهنجي آڏو رهن ٿيون.


جيڪو بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿو جوڙي سو گمراهہ آهي، مگر جيڪو هر ڪنهن جو خيرخواهہ آهي، سو سڀني لاءِ معتبر ۽ معزز آهي.


ڀرپور شفقت ۽ سچائيءَ کي پاڻ کان جدا نہ ڪريو. انهن کي پنهنجي ڳچيءَ جو هار بڻايو، بلڪ انهن کي پنهنجي دل جي تختيءَ تي لکي ڇڏيو.


تڏهن اهي کاري سمنڊ کان ڀونوچ سمنڊ تائين، بلڪ اتر کان ڏکڻ تائين، مون خداوند جي فرمان جي ڳولا ۾ هيڏي هوڏي ڊوڙندا وتندا پر کانئن ڪين لڀندو.


شريعت موسيٰ جي معرفت ملي، جڏهن تہ فضل ۽ سچائي عيسيٰ مسيح جي معرفت ملي.


تڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو، جيڪي اٽڪل ڇهہ سؤ هئا، سي اٿيا ۽ قعيلہ شهر مان نڪري جيڏانهن منهن آين تيڏانهن هليا ويا. سائول کي جڏهن اها خبر پيئي تہ دائود قعيلہ مان ڀڄي ويو آهي، تڏهن هو اوڏانهن ڪونہ ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ