Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 15:18 - Muslim Sindhi Bible

18 تڏهن سندس سڀ عملدار سندس خاص محافظن ۽ جاتين سميت، جيڪي ڇهہ سؤ ماڻهو هئا ۽ جات شهر مان سندس پٺيان آيا هئا، سي بادشاهہ جي پاسي کان ٿي اڳيان اچي لنگھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ سندس سڀ نوڪر سندس پاسي کان اچي لنگهيا؛ ۽ سڀ ڪريتي، ۽ سڀ فليتي، ۽ سڀ جاتي، جي ڇهہ سؤ ماڻهو هئا ۽ جات مان سندس پٺيان آيا هئا، سي بادشاهہ جي اڳيان لنگهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 15:18
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ ۽ سڀ ماڻهو شهر مان روانا ٿي آخري گھر ۾ اچي ترسيا.


پوءِ دائود انهن کي ٽن ٽولن ۾ روانو ڪيو. هن هڪڙو ٽولو يوآب جي هٿ هيٺ، ٻيو ٽولو يوآب جي ڀاءُ ابي‌شيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن جي هٿ هيٺ ۽ ٽيون ٽولو اِتي نالي هڪڙي جاتيءَ جي هٿ هيٺ روانو ڪري ڇڏيو. بادشاهہ جوانن کي چيو تہ ”آءٌ پاڻ بہ اوهان سان گڏ هلندس.“


يوآب بني اسرائيل جي سڄي لشڪر جو سپهہ‌سالار هو. بناياہ ولد يهويدع شاهي محافظن جو سالار هو.


تڏهن يوآب جا محافظ، شاهي محافظ ۽ سڀيئي بهادر ماڻهو ابي‌شيءَ سان گڏ يروشلم مان نڪري سبع ولد بڪريءَ جي پٺيان ڪاهي پيا.


سو دائود خداوند جي عهد واري صندوق کي پنهنجي شهر يروشلم ۾ رکڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو، بلڪ رستي کان ڦري اها صندوق عوبيد‌ادوم جاتيءَ جي گھر کڻي ويو


بناياہ ولد يهويدع خاص محافظن جي مٿان سالار هو ۽ دائود جا پٽ ڪاهن مقرر هئا.


سو صدوق ڪاهن، ناتن نبي، بناياہ ولد يهويدع ۽ شاهي محافظ سليمان کي بادشاهہ دائود جي خچر تي ويهاري کيس جيحون چشمي ڏانهن وٺي ويا.


بناياہ ولد يهويدع دائود جي ذاتي محافظن جي مٿان سالار هو ۽ دائود جا پٽ اعليٰ درجي تي مقرر هئا.


تڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو، جيڪي اٽڪل ڇهہ سؤ هئا، سي اٿيا ۽ قعيلہ شهر مان نڪري جيڏانهن منهن آين تيڏانهن هليا ويا. سائول کي جڏهن اها خبر پيئي تہ دائود قعيلہ مان ڀڄي ويو آهي، تڏهن هو اوڏانهن ڪونہ ويو.


تڏهن دائود پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”هر ڪو ماڻهو پنهنجي تلوار چيلهہ سان ٻڌي.“ سو هر ڪنهن پنهنجي تلوار ٻڌي. دائود بہ پنهنجي تلوار کنئي. اهڙيءَ طرح اٽڪل چار سؤ ماڻهو دائود سان گڏ روانا ٿيا ۽ ٻہ سؤ ماڻهو سامان وٽ رهي پيا.


دائود ۽ سندس ماڻهو پنهنجن پنهنجن ڪٽنبن سان اڪيس بادشاهہ وٽ جات شهر ۾ ئي رهڻ لڳا. دائود پنهنجي ٻنهي زالن، يعني يزرعيل شهر واري اخي‌نوعم ۽ ڪرمل شهر واري نابال جي بيوہ ابيجيل سان رهڻ لڳو.


سائول کي جڏهن خبر پيئي تہ دائود جات ڏانهن ڀڄي ويو آهي، تڏهن هن سندس پيڇو ڪرڻ ڇڏي ڏنو.


ٽئين ڏينهن تي جڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو پنهنجي شهر صِقلاج ۾ پهتا، تڏهن ڏٺائون تہ عماليقين ڏاکڻي علائقي ۽ صِقلاج شهر تي حملو ڪري شهر کي ڦري لٽي باهہ ڏيئي ڇڏي هئي.


اسان ڪريتين جي ڏکڻ واري پاسي تي، يهوداہ جي علائقي تي ۽ ڪالب جي علائقي جي ڏکڻ تي چڙهائي ڪئي هئي ۽ صِقلاج شهر کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو هو.“


تڏهن دائود ۽ سندس ڇهہ سؤ ماڻهو اُٿي هليا ۽ بسور جي برساتي نهر وٽ اچي پهتا. انهن مان ٻہ سؤ ماڻهو، جيڪي ٿڪجي پيا هئا سي نهر پار ڪري نہ سگھيا ۽ اتي ئي ترسي پيا. پر دائود پنهنجي باقي چئن سؤن ماڻهن سان پيڇو جاري رکيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ