Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 15:14 - Muslim Sindhi Bible

14 سو دائود پنهنجي سڀني عملدارن، جيڪي ساڻس گڏ يروشلم ۾ هئا، تن کي چيو تہ ”هلو تہ ڀڄي هلون، نہ تہ اسان مان ڪوبہ ابي‌سلوم کان ڀڄي ڪين سگھندو. جلدي ڪري نڪري هلو، متان هو تڪڙو اچي اسان تي ڪڙڪي ۽ اسان تي مصيبت آڻي ۽ شهر تي حملو ڪري سڀني کي ناس ڪري ڇڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ دائود وٽ يروشلم ۾ جيڪي نوڪر هئا تن سڀني کي هن چيو تہ اُٿو تہ ڀڄي هلون؛ نہ تہ اسان مان ڪوبہ ابي سلوم کان نہ ڇُٽندو: جلدي ڪري نڪرو، متان هو تڪڙو ٿي اچي، اسان کي پهچي، ۽ اسان تي ڪا خرابي آڻي، ۽ ترار جي ڌار سان شهر کي ماري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 15:14
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تنهنجي ئي گھراڻي مان تنهنجي خلاف بڇڙائي اٿاريندس ۽ تنهنجي اکين آڏو تنهنجيون زالون تنهنجي ڪنهن ويجھي ماڻهوءَ جي حوالي ڪندس. اهو ماڻهو ڏينهن ڏٺي جو تنهنجي زالن سان سمهندو.


تڏهن بادشاهہ جي عملدارن کيس چيو تہ ”اسان جي آقا بادشاهہ جيڪي فرمايو آهي سو ڪرڻ لاءِ اوهان جا ٻانها تيار آهن.“


جڏهن تہ ابي‌سلوم جنهن کي اسان مسح ڪري پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو، سو جنگ ۾ مري ويو آهي. تڏهن هاڻي اوهين دائود بادشاهہ کي موٽائي وٺي اچڻ جي ڳالهہ ڇو نہ ٿا ڪريو؟“


هاڻي بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي ماڻهن ۾ تڪرار شروع ٿي ويو. هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”دائود بادشاهہ اسان کي اسان جي دشمنن جي هٿان ڇڏايو ۽ اسان کي فلستين جي هٿن کان بچايو. پر هو ابي‌سلوم جي ڪري ملڪ مان ڀڄي ويل آهي.


اي خدا! پنهنجي ڪرم سان صيئون کي خوشحال ڪر، ۽ سندس ڪوٽ کي نئين سر تعمير ڪر.


حڪمران جيڪو ورثو پنهنجي پٽن کي ڏيڻ چاهي، سو خود سندس لاءِ وقف ڪيل زمين مان ئي هجي. ائين نہ ٿئي جو هو رعيت کي سندن موروثي زمين کان بي‌دخل ڪري سندن اهو ورثو پاڻ حاصل ڪري. اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ منهنجي قوم مان ڪوبہ ماڻهو پنهنجي موروثي زمين کان بي‌دخل نہ ڪيو وڃي.“


يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي تبليغ کان وٺي هن وقت تائين آسمان جي بادشاهيءَ تي ڏاڍائي پئي ٿي آهي ۽ ڏاڍا ماڻهو ان کي ڏاڍائيءَ سان ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.


اي ڪفرناحوم شهر جا رهاڪؤ! ڇا اوهين ڀانئيو ٿا تہ اوهين آسمان کان مٿي تائين بلند ڪيا ويندا؟ نہ، هرگز نہ. اٽلندو اوهين هيٺ پاتال ۾ ڦٽا ڪيا ويندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ