Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 15:10 - Muslim Sindhi Bible

10 پر هن بني اسرائيل جي سڀني قبيلن ڏانهن ڳجھا قاصد موڪلي کين چوايو تہ ”جڏهن اوهين نفيلن جو آواز ٻڌو تڏهن نعرا هڻي چئجو تہ ’ابي‌سلوم حبرون ۾ بادشاهہ ٿيو آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 پر ابي سلوم اسرائيل جي سڀني قومن ۾ جاسوس موڪليا، ۽ چوايائين تہ جنهن وقت اوهين قرناءِ جو آواز ٻڌو تڏهن اوهين چئجو تہ ابي سلوم حبرون ۾ بادشاهہ ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 15:10
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ابي‌سلوم پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون مئي پي مست ٿئي ۽ آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو، تڏهن اوهين انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ڊڄجو نہ. آءٌ پاڻ اوهان کي اهو حڪم ڏيان ٿو. سو همت وارا ۽ بهادر ٿجو.“


تنهنڪري ابي‌سلوم پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ ”ڏسو، يوآب جي ٻني منهنجي ٻنيءَ جي ڀرسان آهي ۽ انهيءَ ۾ جَوَ پوکيل آهن. اوهين وڃي انهن کي باهہ ڏيئي ڇڏيو.“ سو ابي‌سلوم جي نوڪرن وڃي انهيءَ پوک کي باهہ ڏني.


تڏهن بادشاهہ کيس چيو تہ ”ڀلي، تون سلامتيءَ سان هليو وڃ.“ سو ابي‌سلوم اٿيو ۽ حبرون ڏانهن روانو ٿيو.


جڏهن تہ ابي‌سلوم جنهن کي اسان مسح ڪري پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو، سو جنگ ۾ مري ويو آهي. تڏهن هاڻي اوهين دائود بادشاهہ کي موٽائي وٺي اچڻ جي ڳالهہ ڇو نہ ٿا ڪريو؟“


تنهن کان پوءِ دائود خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ يهوداہ جي ڪنهن شهر ۾ هليو وڃان؟“ خداوند چيس تہ ”ڀلي وڃ.“ دائود وري پڇيو تہ ”ڪيڏانهن وڃان؟“ خداوند وراڻيس تہ ”حبرون ڏانهن.“


دائود حبرون ۾ يهوداہ جي قبيلي جي مٿان ست سال ۽ ڇهہ مهينا بادشاهي ڪئي.


هن حبرون ۾ يهوداہ تي ست سال ۽ ڇهہ مهينا بادشاهي ڪئي ۽ يروشلم ۾ سڄي بني اسرائيل ۽ يهوداہ تي ٽيٽيهہ سال بادشاهي ڪيائين.


تڏهن ناتن سليمان جي ماءُ بت‌سبع کي چيو تہ ”تو نہ ٻڌو آهي ڇا تہ حجيت جو پٽ ادونياہ پاڻ کي بادشاهہ بڻائي ويٺو آهي؟ اسان جي آقا دائود بادشاهہ کي انهيءَ باري ۾ ڪابہ خبر ڪانهي.


اُتي صدوق ڪاهن ۽ ناتن نبي سليمان کي بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ بڻجڻ لاءِ مسح ڪن. پوءِ اوهين نفيلون وڄائي چئجو تہ ’بادشاهہ سليمان زندہ آباد!‘


تڏهن انهن مان هر هڪ تڙ تڪڙ ۾ پنهنجي پنهنجي چادر لاهي سندس هيٺان ڏاڪڻ تي وڇائي. پوءِ هنن نفيلون وڄائي وڏي واڪي چيو تہ ”ييهو بادشاهہ آهي.“


تڏهن دائود اتي خداوند جي آڏو حلف کنيو ۽ بني اسرائيل جا سڀيئي اڳواڻ جيڪي حبرون ۾ آيا هئا، تن دائود کي مسح ڪري بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو، جيئن خداوند سموئيل جي معرفت واعدو ڪيو هو.


جڏهن دائود حبرون ۾ هو، تڏهن گھڻن ئي تجربيڪار سپاهين سندس لشڪر ۾ شموليت اختيار ڪئي، تہ جيئن سائول جي جاءِ تي خداوند جي واعدي موجب کيس بادشاهہ مقرر ڪن. سندن تعداد هن طرح هو:


اهي سڀ جنگي جوڌا هئا جيڪي رضا خوشيءَ سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي شامل ٿيا هئا. هو پڪي ارادي سان حبرون ۾ آيا تہ جيئن دائود کي سڄي بني اسرائيل مٿان بادشاهہ بڻائين. بني اسرائيل جا باقي ٻيا ماڻهو بہ دائود کي بادشاهہ بڻائڻ لاءِ متفق هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ