Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 14:4 - Muslim Sindhi Bible

4 جڏهن تقوع شهر واري اها عورت بادشاهہ وٽ پهتي، تڏهن سندس اڳيان زمين تي منهن ڀر ڪري سندس تعظيم ڪري کيس چوڻ لڳي تہ ”اي بادشاهہ! منهنجي واهر ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ جڏهن انهيءَ تقوع واري زال بادشاهہ سان وڃي ڳالهايو، تڏهن هوءَ سندس اڳيان زمين تي منهن ڀر ڪري پئي، ۽ تعظيم ڪري چوڻ لڳي تہ اي بادشاهہ، واهر ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 14:4
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٽئين ڏينهن تي هڪڙو ماڻهو سائول جي لشڪر‌گاهہ کان آيو، جنهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا ۽ مٿي ۾ مٽي وڌي هئائين. هو جڏهن دائود وٽ پهتو تہ زمين تي پيشاني رکي کيس تعظيم ڏنائين.


تڏهن يوآب منهن ڀر زمين تي ڪري بادشاهہ کي تعظيم ڏني ۽ کيس دعا ڪري چيائين تہ ”اي آقا بادشاهہ! اڄ اوهان جي ٻانهي ڄاڻي ورتو تہ مون اوهان جي نظر ۾ مان لڌو آهي، ڇاڪاڻ تہ بادشاهہ پنهنجي ٻانهي جو عرض قبول ڪيو آهي.“


بادشاهہ هن کان پڇيو تہ ”تو کي ڇا ٿيو آهي؟“ تڏهن هن ورندي ڏيئي چيو تہ ”هاءِ! آءٌ هڪڙي رن‌زال آهيان، منهنجو مڙس مري ويو آهي.


تڏهن اخيمعض رڙ ڪري بادشاهہ کي چيو تہ ”بادشاهہ سلامت رهو.“ پوءِ زمين تي منهن رکي بادشاهہ کي تعظيم ڏنائين ۽ چوڻ لڳو تہ ”واکاڻ هجي خداوند خدا جي جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن اسان کي انهن ماڻهن تي فتح بخشي جن منهنجي آقا بادشاهہ سان بغاوت ڪئي هئي.“


جڏهن ڇوڪر هليو ويو، تڏهن دائود پٿرن جي ڍير پٺيان نڪري آيو ۽ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر جھڪي يونتن کي سلام ڪيائين. پوءِ هنن ٻنهي روئندي هڪٻئي کي چميو ۽ دائود هن کان وڌيڪ رنو.


جڏهن ابيجيل دائود کي ڏٺو تڏهن جھٽ ڪري گڏهہ تان لهي اچي دائود جي اڳيان زمين تي منهن رکي کيس تعظيم ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ