هن جو ٻيو پٽ ڪلياب هو جنهن جي ماءُ جو نالو ابيجيل هو ۽ اها نابال ڪرمليءَ جي بيوہ هئي. ٽيون پٽ ابيسلوم هئس جنهن جي ماءُ جو نالو معڪہ هو ۽ اها جسُور جي بادشاهہ تلميءَ جي ڌيءَ هئي.
منسيءَ جو اولاد يائير، جسُورين ۽ معڪاتين جي سرحد تائين ارجُوب جو سڄو علائقو ورتو. هن بسن جي ڪجھہ ڳوٺن کي پنهنجي نالي سان ”يائير جا ڳوٺ“ ڪري سڏيو، جيڪو نالو اڄ تائين هليو اچي.