Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 14:14 - Muslim Sindhi Bible

14 جيئن تہ اسان سڀني کي ضرور مرڻو آهي ۽ اسين انهيءَ پاڻيءَ وانگر آهيون جيڪو زمين تي هاريو ويو هجي ۽ وري گڏ ٿي نہ سگھي. سو ڪنهن جي حياتيءَ کي ختم ڪرڻ کان اڳ خدا اهڙا اپاءَ ٿو وٺي تہ جنهن کي شهر نيڪالي ملي آهي سو هميشہ جي لاءِ کانئس رد ڪيل نہ رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ڇالاءِ جو اسان کي ضرور مرڻو آهي، ۽ اسين انهيءَ پاڻيءَ جهڙا آهيون جو زمين تي هاريو ويو هجي، ۽ وري گڏ ٿي نہ سگهي؛ خدا ماري نہ ٿو، پر اهڙا اُپاءَ ٿو ڪري تہ جنهن کي شهر نيڪالي ملي آهي سو هميشہ لاءِ کانئس رد ڪيل نہ رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 14:14
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي دائود قاصد کي چيو تہ ”تون وڃي يوآب کي همت ڏياري چئجانءِ تہ ’انهيءَ ڳالهہ جي ڪري تون دلگير نہ ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ جنگ ۾ ڪير بہ مري سگھي ٿو. شهر تي وڌيڪ زور سان حملو ڪر ۽ انهيءَ کي برباد ڪري ڇڏ.‘“


تنهنڪري هاڻي جو آءٌ پنهنجي آقا بادشاهہ کي هيءَ ڳالهہ چوڻ آئي آهيان، سو انهيءَ ڪري تہ ماڻهن مون کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي. تڏهن اوهان جي ٻانهيءَ سوچيو تہ آءٌ پاڻ بادشاهہ کي وڃي عرض ڪنديس، ٿي سگھي ٿو تہ بادشاهہ پنهنجي ٻانهيءَ جو عرض قبول ڪري.


سليمان جي گناهہ جي ڪري آءٌ بني دائود کي سزا تہ ڏيندس، پر هميشہ جي لاءِ نہ.‘“


جيڪڏهن ائين ممڪن آهي، جو ماڻهو مري وڃڻ کان پوءِ وري جيئرو ٿئي، تہ پوءِ آءٌ پنهنجي سخت پورهئي واري حياتي گذاريندي، ان جو انتظار ڪندو رهندس، تان‌تہ آءٌ انهيءَ سختيءَ مان ڇٽي نڪران.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون نيٺ مون کي ماريندين، هائو، انهيءَ جاءِ ۾ آڻي پهچائيندين، جيڪا هر ڪنهن جي لاءِ مقرر ڪئي ويئي آهي.


تہ انهيءَ ئي گھڙيءَ هر جسم فنا ٿي وڃي، ۽ انسان سان گڏ پوري دنيا موٽي وڃي مٽيءَ ۾ ملي.


هو حڪمرانن جي طرفداري نہ ٿو ڪري، نہ ئي دولتمند کي غريب کان وڌيڪ مان ٿو ڏئي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪو سندس ئي هٿن جي ڪاريگري آهي.


آءٌ پاڻيءَ وانگر هارجان پيو. منهنجيون هڏيون جوڙن کان نڪري پيون آهن، ۽ منهنجي دل ميڻ وانگر منهنجي سيني ۾ رجندي ٿي وڃي.


منهنجي نڙي سُڪي ٺڪر ٿي ويئي آهي، ۽ ڄڀ وڃي تارونءَ سان لڳي آهي. آہ! اي خداوند! تو مون کي موت واري ڌوڙ ۾ آڻي ملايو آهي.


شل تہ اهي بدڪار هاريل پاڻيءَ وانگر گم ٿي وڃن. جڏهن اهي پنهنجا تيرڪمان ڇڪين تڏهن سندن تير مڏا ٿين.


ڇا سندس دائمي شفقت اسان تان هميشہ لاءِ هلي ويئي آهي؟ ڇا هن پنهنجو واعدو سدا لاءِ اسان کان ٽوڙي ڇڏيو آهي؟


هنن يروشلم ۾ انهن جو رت پاڻيءَ جيان وهايو آهي، ايتري قدر جو ڪوبہ نہ بچيو آهي جنهن جي هٿان هو دفن ٿين.


اسان جي عمر وڌ ۾ وڌ ستر سال ٿئي ٿي، يا وري جيڪڏهن ڪو تندرست آهي تہ پوءِ اسي سال، جڏهن تہ اها بہ گھڻو ڪري مشڪلاتن ۽ ڏکن ۾ گذري وڃي ٿي. پوءِ اها حياتي بہ جلد گذريو وڃي ۽ اسين ختم ٿيو وڃون.


تون ئي تہ انسان کي وري مٽيءَ ۾ ملائين ٿو، جو حڪم ٿو ڪرينس تہ ”اي بني آدم! تون مٽيءَ ۾ موٽي وڃ.“


پر جيڪڏهن هن جو مارڻ جو ارادو نہ هو، مگر انهيءَ واقعي ۾ مون خدا جي مرضي ائين هئي، تہ پوءِ آءٌ هڪڙي جڳهہ مقرر ڪندس، جتي هو وڃي پناهہ وٺي.


”اسين سڀيئي مرنداسين،“ جڏهن تہ مئل انسان کي ڪوبہ آسرو ڪونہ آهي، بلڪ هن دنيا مان هليو وڃڻ کان پوءِ انهن کي ايترو بہ اجر ڪونہ ٿو ملي جو کين ياد ڪيو وڃي.


پروردگار اسان کان هميشہ لاءِ منهن نہ موڙيندو.


ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ آءٌ خداوند خدا بدڪارن کي موت جي سزا ڏيندي خوش ٿو ٿيان؟ نہ، هرگز نہ، بلڪ منهنجي خوشي تہ انهيءَ ۾ آهي تہ هو پنهنجي بري راهہ کان باز اچي ۽ جيئرو رهي.


پر جيڪڏهن هو پنهنجي بدڪاريءَ توڙي پنهنجن ابن ڏاڏن جي بدڪاريءَ جو اقرار ڪندا تہ جيڪا نافرماني ڪري هو منهنجي خلاف هليا آهن،


اهي ڇهہ شهر بني اسرائيل جي لاءِ، ڌارئي جي لاءِ ۽ مسافر جي لاءِ پناهہ‌گاهہ هوندا، تہ جيئن جنهن جي هٿان اتفاق سان خون ٿي پوي سو اوڏانهن ڀڄي وڃي سگھي.


انهيءَ خونيءَ کي مقتول جي وير وٺڻ واري عزيز جي چنبي کان ڇڏايو وڃي ۽ کيس انهيءَ پناهہ جي شهر ۾ موٽائي موڪليو وڃي جتي هو خون ڪري پناهہ لاءِ ڀڄي ويو هو. پوءِ جيستائين انهن ڏينهن ۾ مخصوص ٿيل سردار ڪاهن فوت نہ ٿي وڃي تيستائين هو اتي ئي رهي.


خونيءَ کي گھرجي تہ هو سردار ڪاهن جي مرڻ تائين انهيءَ پناهہ جي شهر ۾ رهي، انهيءَ کان پوءِ ڀلي پنهنجي گھر موٽي وڃي.


پوءِ فريسين پنهنجن شاگردن سان گڏ هيروديس جي حمايت ڪندڙن مان ڪن ماڻهن کي عيسيٰ ڏانهن موڪليو، جن اچي کيس چيو تہ ”اي استاد! اسان کي خبر آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ حق سچ مطابق خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. اوهين ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيک‌ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.


پوءِ پطرس هيئن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ آهي تہ خدا ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري،


ڇاڪاڻ تہ خدا ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري.


خداوند اوهان جو خدا، اهو ئي معبودن جو خدا ۽ خداوندن جو خداوند آهي، جيڪو عظيم، قادر ۽ هيبتناڪ خدا آهي. هو طرفداري نہ ٿو ڪري، نڪي رشوت ٿو وٺي.


جهڙيءَ طرح هر انسان جو هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ پوءِ خدا جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ مقرر ٿيل آهي،


هاڻي جيڪڏهن اوهين دعا گھرندي خدا کي پيءُ ڪري سڏيو ٿا، جيڪو هر هڪ ماڻهوءَ جي عمل موجب بنا طرفداريءَ جي انصاف ٿو ڪري، تہ پوءِ پنهنجي هيءَ مسافرن واري زندگي سندس خوف ۾ گذاريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ