Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 14:11 - Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن عورت چيو تہ ”اي بادشاهہ! آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کان دعا گھرو تہ خون جي بدلي وٺڻ وارو متان منهنجي پٽ کي ماري نہ وجھي.“ تنهن تي بادشاهہ چيس تہ ”زندہ خدا جو قسم آهي تہ تنهنجي پٽ جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تڏهن زال چيو تہ آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ بادشاهہ خداوند پنهنجي خدا کي ياد ڪري تہ خون جي بدلي وٺڻ وارو وري ڪنهن کي نہ ماري، متان منهنجي پٽ کي ناس ڪري ڇڏين. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ تنهنجي پٽ جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 14:11
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابرام جواب ڏنس تہ ”آءٌ زمين ۽ آسمان جي خالق خداوند خدا تعاليٰ جو قسم ٿو کڻان تہ


جيڪڏهن تون منهنجي ڌيئرن کي ڏکيو رکندين يا انهن کان سواءِ ٻيون زالون پرڻبين تہ جيتوڻيڪ ٻيو ڪو ماڻهو اسان سان ڪونهي، تنهن هوندي بہ ياد رک تہ خدا تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ شاهد آهي.“


بادشاهہ چيس تہ ”جيڪو بہ ماڻهو تو کي ڪجھہ چوي تہ انهيءَ کي مون وٽ وٺي اچجانءِ، پوءِ هو وري تو کي تنگ نہ ڪندو.“


تڏهن ان عورت چيو تہ ”منهنجو آقا بادشاهہ پنهنجي ٻانهيءَ کي اجازت ڏئي تہ آءٌ هڪڙو ٻيو عرض بہ ڪريان.“ بادشاهہ چيس تہ ”ڀلي چئُہ.“


تڏهن يوآب جي اچڻ تي بادشاهہ کيس چيو تہ ”ٺيڪ آهي، مون کي تنهنجي ڳالهہ منظور آهي. سو هاڻي تون وڃ ۽ انهيءَ جوان ابي‌سلوم کي موٽائي وٺي اچ.“


تڏهن سليمان چيو تہ ”جيڪڏهن هو پاڻ کي لائق ماڻهو ثابت ڪندو تہ پوءِ هن جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو، پر جيڪڏهن هن ۾ ڪا شرارت ڏٺي ويئي تہ پوءِ هو ماريو ويندو.“


۽ حق سچ، عدالت ۽ سچائيءَ ۾ مون جيئري خداوند جو قسم کڻندءُ، تہ پوءِ سڀ قومون منهنجي نالي جي ڪري برڪت حاصل ڪنديون ۽ مون تي فخر ڪنديون.“


مقتول جو ڪو وير وٺڻ وارو عزيز پاڻ ئي انهيءَ خونيءَ کي ماري. جڏهن اهو کيس گڏجي تڏهن کيس ماري ڇڏي.


يا دشمنيءَ وچان کيس اهڙي مُڪ هڻي جو هو مري پوي، تہ پوءِ مُڪ هڻندڙ خوني آهي ۽ کيس ضرور قتل ڪيو وڃي. مقتول جو ڪو وير وٺڻ وارو عزيز پاڻ ئي انهيءَ خونيءَ کي ماري. جڏهن اهو کيس گڏجي تڏهن کيس ماري ڇڏي.


۽ مقتول جو وير وٺڻ وارو عزيز شهر کان ٻاهر گڏجي وڃيس ۽ ماري وجھيس، تہ ان ماريندڙ تي خون جو ڏوهہ نہ ايندو.


جڏهن تہ اوهين ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ قيمتي آهيو، ايتري قدر جو اوهان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آهن. تنهنڪري اوهين خدا کان سواءِ ڪنهن کان نہ ڊڄو.“


آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ مهرباني ڪري ڪجھہ کائو، تہ جيئن اوهان جي جان بچي. هاڻ اوهان جو وار بہ ونگو نہ ٿيندو.“


تڏهن ماڻهن سائول کي چيو تہ ”يونتن، جنهن بني اسرائيل کي فتح ڏياري وڏو ڪم ڪيو آهي، سو ماريو ويندو ڇا؟ هرگز نہ، جيئري خداوند جو قسم آهي تہ هن جي مٿي جو هڪڙو وار بہ زمين تي ڪونہ ڪرندو، ڇاڪاڻ تہ هن جيڪو بہ ڪم ڪيو سو خدا جي مرضيءَ سان ڪيو آهي.“ اهڙيءَ طرح ماڻهن يونتن کي بچائي ورتو ۽ هن کي نہ ماريو ويو.


تڏهن يونتن دائود کي چيو تہ ”خير سان روانو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ اسان ٻنهي خداوند جي نالي جو قسم کنيو آهي ۽ چيو اٿئون تہ خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ منهنجي اولاد ۽ تنهنجي اولاد جي وچ ۾ هميشہ لاءِ شاهد رهندو.“ پوءِ دائود اُٿي روانو ٿيو ۽ يونتن شهر ڏانهن موٽي ويو.


تڏهن سائول قسم کڻي چيس تہ ”جيئري خداوند جو قسم آهي تہ انهيءَ ڪم جي ڪري تو کي ڪابہ سزا نہ ملندي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ