1 سو يوآب جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن سهي ڪري ورتو تہ بادشاهہ جي دل ابيسلوم ڏانهن مائل آهي.
1 هاڻي ضروياہ جي پٽ يوآب سهي ڪيو تہ بادشاهہ جي دل ابي سلوم ڏي مائل آهي.
پوءِ امنون جي موت کان جڏهن کيس آٿت آئي، تڏهن دائود بادشاهہ جي دل ۾ پنهنجي پٽ ابيسلوم ڏانهن وڃڻ جي سڪ پيدا ٿي.
تڏهن هن تقوع شهر ڏانهن ماڻهو موڪلي اتان هڪڙي سياڻي عورت گھرائي ۽ کيس چيائين تہ ”تون سوڳ ڪرڻ واريءَ جو ويس ڪري ماتمي ڪپڙا پاءِ ۽ پاڻ کي تيل نہ مک، بلڪ اهڙي عورت وانگر ٿيءُ، جنهن گھڻن ڏينهن تائين ڪنهن مئل جي لاءِ سوڳ ڪيو هجي.
تڏهن بادشاهہ جي حالت خراب ٿي ويئي. پوءِ هو انهيءَ ڪمري ڏانهن جيڪو دروازي جي مٿان هو، روئندو ويو ۽ هيئن چوندو ويو تہ ”او منهنجا پٽ ابيسلوم! هاءِ منهنجا پٽ! او منهنجا پٽ ابيسلوم! شل آءٌ تنهنجي بدران مران ها تہ چڱو هو. هاءِ منهنجا پٽ ابيسلوم! او منهنجا پٽ!“
انهيءَ ڏينهن سڄي لشڪر جي لاءِ بہ فتح جي خوشي سوڳ ۾ بدلجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هنن ٻڌو هو تہ بادشاهہ پنهنجي پٽ جي سوڳ ۾ آهي.
جڏهن تہ بادشاهہ پنهنجو منهن ڍڪي رڙيون ڪري پئي چيو تہ ”او ابيسلوم منهنجا پٽ! هاءِ ابيسلوم منهنجا پٽ! او منهنجا پٽ!“
ضروياہ جا ٽي پٽ يوآب، ابيشي ۽ عساهيل اتي هئا. عساهيل ڊوڙڻ ۾ اهڙو تہ تکو هو جهڙو جھنگلي هرڻ.
انهن جون ڀينرون ضروياہ ۽ ابيجيل هيون. ضروياہ جا جملي ٽي پٽ هئا: ابيشي، يوآب ۽ عساهيل.
گھڻا ماڻهو حاڪم جي مهربانيءَ جي طلب ۾ ٿا رهن، مگر انسان کي انصاف خداوند وٽان ئي ملي ٿو.