2.سموئيل 13:37 - Muslim Sindhi Bible37-38 هيڏانهن ابيسلوم ڀڄي ارام ملڪ جي جسُور شهر ۾ وڃي نڪتو ۽ اتي جي بادشاهہ تلمي ولد عميهود وٽ ٽن سالن تائين رهيو. دائود پنهنجي پٽ امنون لاءِ گھڻي عرصي تائين سوڳ ڪندو رهيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible37 پر ابي سلوم ڀڄي ويو ۽ جسور جي بادشاهہ عميهود جي پٽ تلميءَ وٽ وڃي نڪتو. ۽ دائود پنهنجي پٽ لاءِ ڏهاڙي ماتم ڪندو رهيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ابيسلوم يوآب کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جڏهن مون تو ڏانهن چوائي موڪليو تہ مون وٽ اچ، تڏهن تو اچڻ کان انڪار ڪيو. مون چاهيو ٿي تہ تو کي بادشاهہ ڏانهن موڪليان، جيئن تون کيس چوين تہ آءٌ جسُور کان ڇو آيو آهيان. انهيءَ کان چڱو هو تہ آءٌ اتي ئي هجان ها. تنهنڪري هاڻي تون مون کي بادشاهہ جي منهن چڙهڻ ڏي. پوءِ جيڪڏهن منهنجو ڪو قصور هجي تہ ڀلي هو مون کي ماري ڇڏي.“