Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 13:36 - Muslim Sindhi Bible

36 جيئن ئي هن ڳالهائي بس ڪئي تہ شهزادا بہ اچي نڪتا. هنن اچي رڙيون ڪري روئڻ شروع ڪيو تہ بادشاهہ ۽ سندس عملدار بہ زاروزار روئڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن ڳالهائي بس ڪيو تڏهن شهزادا بہ اچي نڪتا، ۽ رڙيون ڪري روئڻ لڳا: ۽ بادشاهہ ۽ سندس نوڪرن بہ زار زار رُنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 13:36
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سندس نوڪرن پڇيس تہ ”توهان هي ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟ جڏهن ٻار جيئرو هو تڏهن توهان هن لاءِ روزا رکيا ۽ روئندا رهيا. پر جڏهن ٻار مري ويو تہ توهان اُٿي ماني کاڌي!“


انهيءَ کان پوءِ امنون کي تمر کان تمام گھڻي نفرت پيدا ٿي. کيس جيترو اڳي هن سان عشق هئس، تنهن کان وڌيڪ ساڻس نفرت پيدا ٿيس. سو امنون چيس تہ ”اُٿ ۽ هلي وڃ.“


تنهن تي يوندب بادشاهہ کي چيو تہ ”ڏسو، شهزادا اچي رهيا آهن، جيئن اوهان جي ٻانهي چيو، تيئن ئي آهي.“


هيڏانهن ابي‌سلوم ڀڄي ارام ملڪ جي جسُور شهر ۾ وڃي نڪتو ۽ اتي جي بادشاهہ تلمي ولد عميهود وٽ ٽن سالن تائين رهيو. دائود پنهنجي پٽ امنون لاءِ گھڻي عرصي تائين سوڳ ڪندو رهيو.


تڏهن بادشاهہ جي حالت خراب ٿي ويئي. پوءِ هو انهيءَ ڪمري ڏانهن جيڪو دروازي جي مٿان هو، روئندو ويو ۽ هيئن چوندو ويو تہ ”او منهنجا پٽ ابي‌سلوم! هاءِ منهنجا پٽ! او منهنجا پٽ ابي‌سلوم! شل آءٌ تنهنجي بدران مران ها تہ چڱو هو. هاءِ منهنجا پٽ ابي‌سلوم! او منهنجا پٽ!“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ