Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 13:29 - Muslim Sindhi Bible

29 سو ابي‌سلوم جي نوڪرن سندس حڪم مطابق امنون کي قتل ڪري ڇڏيو. تڏهن ٻيا سڀيئي شهزادا اُٿي کڙا ٿيا ۽ هر ڪو پنهنجي خچر تي چڙهي وٺي ڀڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ۽ ابي سلوم جي نوڪرن امنون سان ائين ئي ڪيو، جيئن ابي سلوم حڪم ڏنو هون. تڏهن سڀيئي شهزادا اُٿيا، ۽ سڀڪو ماڻهو پنهنجي خچر تي چڙهي اُٿي ڀڳو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 13:29
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صِبعون جا پٽ هي آهن: آيہ ۽ عَيناہ. هي عَيناہ اهو آهي جنهن پنهنجي پيءُ صِبعون جا گڏهہ چاريندي جھنگ ۾ گرم پاڻيءَ جا چشما لڌا هئا.


تنهنڪري، هاڻي تنهنجي گھراڻي تان تلوار اصل ڪانہ ٽرندي، ڇاڪاڻ تہ تو مون کي خسيس ڄاتو آهي جو تو اورياہ حتيءَ جي زال کي پنهنجي زال بڻايو آهي.


جڏهن هو اڃا رستي ۾ ئي هئا تہ دائود کي خبر ڏني ويئي، تہ ابي‌سلوم بادشاهہ جي سڀني پٽن کي قتل ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ انهن مان هڪڙو بہ ڪونہ بچيو آهي.


جيئن تہ اوهان جي ٻانهيءَ کي ٻہ پٽ هئا، هڪڙي ڏينهن اهي ٻئي جھنگ ۾ وڙهي پيا. کين ٻيو ڪو ڇڏائڻ وارو ڪونہ هو، سو انهن مان هڪڙي ٻئي کي ڌڪ هڻي ماري وڌو.


اتفاق سان ابي‌سلوم دائود جي ڪجھہ جوانن جي منهن پئجي ويو. هو هڪڙي خچر تي چڙهيل هو. اهو خچر جڏهن هڪڙي گھاٽي شاهہ‌بلوط وڻ جي ٽارين هيٺان لنگھيو تہ ابي‌سلوم جو مٿو انهيءَ وڻ ۾ ڦاسي پيو ۽ هو زمين کان مٿي لٽڪي پيو، جڏهن تہ سندس خچر هيٺان نڪري اڳتي هليو ويو.


تڏهن بادشاهہ کين چيو تہ ”اوهين منهنجا عملدار پاڻ سان وٺي وڃو ۽ منهنجي پٽ سليمان کي منهنجي خچر تي چاڙهي جيحون چشمي ڏانهن روانا ٿيو.


سو صدوق ڪاهن، ناتن نبي، بناياہ ولد يهويدع ۽ شاهي محافظ سليمان کي بادشاهہ دائود جي خچر تي ويهاري کيس جيحون چشمي ڏانهن وٺي ويا.


جتي حڪمران ڪوڙين ڳالهين تي ڌيان ٿا ڏين، اتي سندن سڀ خدمتگار بدڪار هوندا آهن.


اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪجو. اوهين پنهنجي چوپائي مال کي جدا جنس جي جانور سان لڳ نہ ڪرائجو، نڪي پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻن قسمن جو ٻج گڏي پوکجو ۽ نہ ئي وري اوهين ٻن شين مان اُڻيل ڪپڙي جي پوشاڪ پائجو.


هنن جا هٿ بڇڙائي ڪرڻ ۾ مهارت ٿا رکن، عملدار توڙي قاضي رشوت گھري ٿا وٺن، ۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن جون دليون حرص مان نہ ٿيون ڀرجن. انهيءَ کان علاوہ اهي سڀ گڏجي سازشون بہ ڪن ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ